اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ جي وڏين اپوزيشن جماعتن پاڪستان مسلم ليگ ن ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي حڪومت جي معاشي پاليسين کي ناقص قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان کي هر فورم تي بي نقاب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اهو فيصلو مسلم ليگ ن طرفان جوڙيل اقتصادي مشاورتي ڪونسل جي اجلاس ۾ ڪيو ويو جنهن ۾ حڪومت جي معاشي پاليسين جو جائزو ورتو ويو. اقتصادي مشاورتي ڪائونسل ۾ شاهد خاقان عباسي، محمد اسحٰا ڊار، احسن اقبال، قيصر احمد شيخ، محمد زبير، مفتاح اسماعيل، عائشه غوث پاشا، مشاهد حسين سيد، مصدق ملڪ، علي پرويز ملڪ، بلال اظهر ڪياني، عطاءُالله تارڙ، شزا خواجه، مريم اورنگزيب شامل آهن. اجلاس ۾ مريم اورنگزيب، مفتاح اسماعيل، اسحاق ڊار آن لائين لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي اڳوڻي گورنر سنڌ محمد زبير حڪومت جي ناقص پاليسين کي هر فورم تي بي نقاب ڪرڻ جو عزم ڪيو . اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته مسلم ليگ ن پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر مهانگائي خلاف آگاهي مهم شروع ڪندي ۽ ان مقصد لاءِ سيمينار منعقد ڪيا ويندا. اهڙي طرح حڪومتي پاليسين کي ٽاڪ شوز، نيوز ڪانفرنس ۽ ميڊيا ذريعي بي نقاب ڪيو ويندو. محمد زبير جو چوڻ هو ته هاڻي معاشي صورتحال بدتر ٿي چڪي آهي جيڪڏهن حڪومت ايندڙ 6 مهينن تائين برقرار رهي ته هر شيءِ تباهه ٿي ويندي. هن دعويٰ ڪئي ته وزيراعظم عمران خان، پي ٽي آءِ اڳواڻ جهانگير ترين ۽ وزير خوراڪ خسرو بختيار ملڪ ۾ اٽي ۽ کنڊ جي بحران جا ذميوار آهن. مسلم ليگ ن جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته 40 ارب رپين جي اٽي ۽ 8 ارب رپين جي چيني ۾ دوکو ڪيو ويو آهي ۽ موجوده حڪومت وڌيڪ 12 سئو ارب رپين جو غير ملڪي قرض وٺي چڪي آهي. مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف هڪ بيان ۾ پي ٽي آءِ قيادت کي بدعنوان ۽ مافيا قرار ڏيندي چيو ته کنڊ جو بحران هٿ وٺي پيدا ڪيو ويو پهرين انهن کنڊ ٻاهر موڪلي ماڻهن کي ان مان محروم رکيو ويو هاڻي مهانگي قيمت تي ٻاهران کنڊ گهرائي قومي خزاني کي نقصان ڏنو پيو وڃي. ٻئي طرف پيپلزپارٽي جي ترجمان سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر چيو آهي ته ملڪ جي معيشت سونامي ۾ ٻڏي وئي آهي هاڻي وزيراعظم کي گهر موڪلڻ کان سواءِ ٻيو ڪو رستو ئي ناهي. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته تبديلي آڻيندڙ حڪومت ۾ گذريل سال 10 لک ماڻهن کي بيروزگار ڪيو ويو ۽ هاڻي هن سال 12 لک ماڻهن کي بيروزگار ٿي ويندا.










