ٽنڊو غلام حيدر (ن سنڌيار) ٽنڊو غلام حيدر ۾ مسلسل سانوڻي جون برساتون اڃا تائين جاري آهن جنھن سبب ننڍن وڏن شھرن جا روڊ رستا برساتي پاڻي ۾ ٻڏي ويا بجلي گئس جو بحران وڌي ويو گهريلو رڌ پچاء دوران شهرين کي ويتر تڪليفون درپيش لاڳاپيل انتظاميه ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو عوام سخت تڪليف جي ور چڙھيل ٽنڊو غلام حيدر شھر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ گوڙ ۽ کنوڻ سان تيز طوفاني برسات سبب ڪافي ڪچن گهرن جون ڇتيون پڻ اڏامي ويون ڪيترائي ڪچا گهر ڊهي پٽ ٿي پيا جڏهن ته تعلقي جي ڪافي شهرن ۾ ڊرينيج نظام تباه ھئڻ ڪري تعلقي جي مختلف شھرن جا روڊ رستا بازارون برساتي پاڻي ۾ ٻڏي ويا شھرن جون رونقون اجڙي ويون دڪاندار واپاري پريشان حال ٿي ويا آھن خريداري ڪرڻ لاء ايندڙ هزارين مقامي ماڻهو ڏکائين جي ورچڙهي ويا تعلقي جي سمورن شهرن جي مک بازارن رستن تي بيٺل پاڻي کي نيڪال ڪرڻ لاء ڊي سي ٽنڊو محمد خان جي سربراهي ۾ جوڙيل ٽيمن پاران ڪوبه عملي ڪم ناهي ڪيو ويو جڏھن ته ھيٺاھين وارن علائقن مان اڳ ۾ برساتي پاڻي جي نيڪالي نه ٿيڻ ڪري سوين گھر پهرين به برساتي پاڻي ھيٺ آهن جنهن جي ڪري برسات ٻيهر وڌيڪ پوڻ ڪري ساڳي انهن گھرن کي پڻ ٻوڙي ڇڏيو آهي ٻئي طرف ٽنڊو غلام حيدر تعلقي ۾ مسلسل تيز برساتن جي ڪري ٽماٽن مرچن ۽ ٻين سبزين جي فصلن توڙي ساريال جي پوکيل فصل کي وڌيڪ ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي فصلن ۾ مسلسل برساتي پاڻي بيھي وڃڻ ڪري اھي فصل تباه ٿي ويا آهن ٻئي طرف موسميات کاتي طرفان 15 آگسٽ تائين برساتن ۾ شدت جي پيشنگوئي ڪرڻ کانپوء انتظاميه پاران ڪي به جوڳا اپاء نه ورتا ويا آهن اهڙي ڳنڀير صورتحال ۾ مذڪوره عوام وڌيڪ ٻڏتر جو شڪار بڻيل آهي










