ملير(درياخان شر) قائد آباد ۾ ٻارڙي کي مبينا طور مسجد جي باٿ روم ۾ وٺي وڃي زيادتي جو نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪرڻ تي علائقي واسين جوابدار کي پڪڙي ان جو ڪارو منهن ڪري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. مظفرآباد ڪالوني ۾ علائقي واسين حيدر نالي نوجوان کي پڪڙيو. جوابدار هڪ معصوم نينگري کي مسجد جي باٿ روم ۾ وٺي ويو ۽ ساڻس زيادتي جي ڪوسش ڪئي، هڪ دڪاندار کي شڪ پيو، جنهن بعد ۾ کيس پڪڙي ورتو ته ڪيترائي ماڻهو گڏ ٿي ويا ۽ رينجرز به پهچي وئي. رينجرز اهلڪارن جوابدار کي قائدآباد پوليس حوالي ڪيو، جتي متاثر نينگري جي مامي جي فرياد تي جوابدار مٿان ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي.










