مسجد جي پيش امام پاران غيرقانوني ڏاڪڻ ٺاهڻ خلاف احتجاج

مسجد جي پيش امام پاران غيرقانوني ڏاڪڻ ٺاهڻ خلاف احتجاج

نوابشاهه (اي ڪي ڏاهري) اي سيڪشن ٿاڻي جي حد خير شاهه مسجد جي پيش امام ۽ عبدالعزيز قريشي پاران اصغر امتياز ڪالوني جي رستي تي غير قانوني کوٽائي ڪري ڏاڪڻ ٺاھڻ خلاف علائقي واسين پھچي ڪم کي بند ڪرايو. جڏهن مزدور کان پڇيو ويو ته مزدور ٻڌايو ته عبدالعزيز قريشي اسان کي چيو آهي ته کوٽائي ڪريو جنهن تي اسين کوٽائي ڪري رھيا آھيون جنھن کانپوءِ علائقي واسي مسجد جي پيش امام خلاف اي سيڪشن ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي ڇڏي آهي. علائقي واسين ڊي سي، اي سي، مختيارڪار، ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد کان گھر ڪئي ته رستي تي قبضو ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو