ٺٽو(ن سنڌيار) ٺٽي شھر لڳ گھار مساڻ واھ جي ڪيترن ئي رھواسي آبادگارن پاڻي جي کوٽ خلاف ٺٽي ۾ ھڪ احتجاجي مظاھرو آبادگارن اڳواڻن محمد حسن سولنگي، فيصل کتري، زمان شاھ، نصير شيخ جي اڳواڻي ۾ ڪندي چيو تہ پاڻي جي وارابندي ختم ٿيڻ باوجود پل ٺاھڻ جي بھاني سندن پاڻي روڪي سندن زمينون بنجر بڻايون پيون وڃن. جنھن سبب سندن زمينن ۾ پوکيل فصل سوڪھڙي جو شڪار ٿيڻ سان گڏ انساني آبادي ۽ جانور بہ پاڻي نہ ملڻ ڪري سخت پريشان آھن، آبادگار اڳواڻ محمد حسن سولنگي ۽ ٻين گھر ڪئي تہ فورن گھار مساڻ واھ ۾ فورن پاڻي ڇڏي کين نقصان توڙي پريشاني کان بچايو وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت کان سخت احتجاج ڪيو ويندو.










