مسافر ڪوچ 3 ڄڻا چيڀاٽي فرار، پوليس شڪارپور مان پڪڙي ورتي

ڪنڌ ڪوٽ(ڊ  ر) پنجاب کان ڪراچي ويندڙ مسافرڪوچ ڪنڌڪوٽ ڀرسان قمبراڻي لاڙي وٽ تيز رفتاري سبب اورٽيڪ ڪندي سامھون ايندڙ موٽرسائيڪل سان ٽڪرائجڻ جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار ٻن ٻارن سميت ٽن ڄڻن کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو. جنھن ۾ ٽنھي فوتين جوتعلق لکي غلام شاھ جو ٻڌايو پيو وڃي، جن ۾ اسدالله جاگيراڻي ۽ ٻہ ٻارڙا به شامل آھن. فوتين جا لاش پوليس پاران ڪنڌڪوٽ اسپتال آندا ويا۔  ڪوچ ڊرائيور گاڏي ڀڄائي ويو پرواقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس ناڪابندي ڪندي شڪارپورجي حد مان مسافرڪوچ ڊرائيور سميت پڪڙي ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو