مسافر ڪوچ ڪلٽي ٽِي فوت،پنجويهه کان وڌيڪ مسافر زخمي

مسافر ڪوچ ڪلٽي ٽِي فوت،پنجويهه کان وڌيڪ مسافر زخمي

مسوڀرڳڙي (ن سنڌيار) مسوڀرڳڙي لڳ ڇنڊڻ موري اسٽاپ وٽ نيشنل هاءِ وي ڀرسان ڪراچي کان پنجاب ويندڙ مسافر ڪوچ ڪلٽي، ٽي ڄڻا فوت، 25 کان وڌيڪ مسافر زخمي. ٿي پيا ڪراچي کان پنجاب ويندڙ مسافر ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ ٽي مسافر فوت ۽ 25 مسافر زخمي  ٿي  پيا آھن، زخمين کي پوليس ۽ مقامي ماڻهن خانگي گاڏين ذريعي سول اسپتال حيدرآباد ۽ تعلقي اسپتال مٽياري پهچايو.ڪراچي کان پنجاب ويندڙ مسافر ڪوچ تيز رفتاري سبب ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري وڃڻ سبب ڪلٽي ٿي.پوليس ھڪ ڪلاڪ کانپوءِ پهچي امدادي ڪارروايون شروع ڪيون، مٽياري تعلقه اسپتال ۾ سهولتن کوٽ ھئڻ سبب زخمين کي حيدرآباد سول اسپتال نيو ويو آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو