مسافرن جو سامان چوري ڪرڻ جو  الزام، قومي ايئر لائن جو ملازم گرفتار

مسافرن جو سامان چوري ڪرڻ جو الزام، قومي ايئر لائن جو ملازم گرفتار

ڪراچي )اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ايئرپورٽ تي قومي ايئر لائن جي هڪ ملازم کي مسافرن جو سامان چوري ڪرڻ جي الزام ۾ حراست ۾ ورتو ويو.عورت مسافر ڪراچي ايئرپورٽ انتظاميا کي شڪايت ڪئي هئي ته سندس سامان چوري ٿي ويو آهي، جنهن کان پوءِ ايئرپورٽ انتظاميا سي سي ٽي وي جي مدد سان ملازم کي حراست ۾ ورتو.ذريعن موجب، گرفتار ملازم انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ سان تعلق رکي ٿو، ۽ گرفتاري دوران جهيڙو ٿيو.حراست ۾ ورتل ملازم کي اي ايس ايف جي حوالي ڪيو ويو، ملازم جو ايئرپورٽ داخلا پاس ضبط ڪيو ويو آهي ۽ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو