مزدورن کي 25هزار پگهار ڪاغذن ۾ ملي ٿي، حقيقت ۾ نه: سنڌ هاءِ ڪورٽ

مزدورن کي 25هزار پگهار ڪاغذن ۾ ملي ٿي، حقيقت ۾ نه: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس صلاح الدين پنهور جا ريمارڪس ڏنا آهن ته اڄ به مزدورن کي 10 هزار رپيا ماهوار پگهار ڏني وڃي ٿي، حڪومت مزدورن جي پگهار 25 هزار مقرر ته ڪئي پر اها رڳو ڪاغذي ڪارروائي تائين محدود آهي،سوشل سڪيورٽي ڪورٽس جي قيام بابت ٻڌڻي دوران عدالت مزدورن جي داد رسي جي لاءِ ڪو به فورم نه هجڻ تي خدشن جو اظهار ڪيو،عدالت چيو ته مزدورن جي ايتري پگهار آهي جو ڪپڙا به نه ٿا وٺي سگهن، ڪمپنين ۾ مري ويندڙ پورهيتن جي موت جا ذميوار اسان آهيون، اسان هنن جي حقن جي لاءِ نه ٿا ڳالهايون،عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي سنڌ امپلائيز سوشل سيڪيورٽي انسٽٽيوٽ جي چيئرمين کي طلب ڪري ورتو

پهنجو تبصرو موڪليو