نوشھرو فيروز (رپورٽ منظور ملڪ)منهڙو ڀرسان صادرو اسٽاپ وٽ مورو ٻانڌي روڊ تي تيزرفتار مزدا ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار ڳوٺ قمرالدين چانڊيو واسي مجتبيٰ چانڊيو ۽ شاھد چانڊيو سخت ٿي پيا آهن زخمين کي ٻانڌي اسپتال نيو ويو آهي مزدا ڊرائيور نورنبي بروھي کي منھڙو پوليس گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ورتو آهي مزدا کي پوليس تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.










