سکر (جيرام داس ) سکر جي احتساب عدالت اڳوڻي ضلعي ناظم سليم جان مزاري تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، احتساب عدالت سکر جي جج امير علي مهيسر جي عدالت ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ۾ ڪروڙين رپين جي سرڪاري پلاٽ جي رڪارڊ ۾ ڦيرڦار ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران ڪيس ۾ جوابدار طور نامزد اڳوڻو ضلعي ناظم سليم جان مزاري، ايم پي اي عبدالرئوف کوسو ۽ ٻيا جوابدار پيش ٿيا، جڏهن ته اڳوڻي ضلعي ناظم سليم جان مزاري ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪيو، عدالت سليم جان مزاري مٿان فرد جرم لاڳو ڪندي ٻڌڻي 24 مارچ تائين ملتوي ڪئي، ان کان اڳ عدالت پ پ ايم پي اي عبدالرئوف کوسو ۽ ٻين جوابدارن مٿان فرد جرم لاڳو ڪري چڪي آهي. ٻئي پاسي احتساب عدالت سکر ۾ پوليس ڪرپشن ڪيس ۾ نامزد جوابدار بيمار بئنڪ مئنيجر کي اسٽريچر تي کڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، احتساب عدالت سکر پاران سرڪاري ملازمن جي، جي پي فنڊ ۽ پينشن جي مد ۾ سرڪاري خزاني کي ڪروڙين رپين جي نقصان پهچائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي، ڪيس ۾ نامزد جوابدار نوشهروفيروز جي نيشنل بئنڪ مئنيجر عارف تيوڻو کي پوليس جيل مان ايمبولنس تي آڻي بيماري سبب اسٽرڪچر تي کڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 9 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
مشهور خبرون










