اسلام آباد ۽ مري ۾ تيز برسات ۽ ڳڙو، موسم خوشگوار

اسلام آباد ۽ مري ۾ تيز برسات ۽ ڳڙو، موسم خوشگوار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)مري ۾ تيز برسات ۽ ڳڙي پوڻ سبب موسم ٿڌو ٿي ويو، جڏهن ته اسلام آباد ۾ به تيز هوائون،گجگوڙ ۽ ڳڙو وسيو، بنون ۽ ان جي آس پاس جي علائقن ۾ به برسات موسم کي خوشگوار بڻائي ڇڏيو آهي. موسميات کاتي موجب اڄ اسلام آباد، مٿانهين پنجاب، اتر اوڀر بلوچستان، خيبرپختونخواهه، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ برسات جو امڪان آهي. هن دوران، ڪجهه هنڌن تي ڳڙو پئجي سگهي ٿو، جڏهن ته ملڪ جي ٻين حصن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي.گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ گرمي پد دادو ۾ 47 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.سبي 46 ڊگري سينٽي گريڊ، بهاولنگر، خيرپور، لاڙڪاڻو، مٺي، موهن جو دڙو، نوابشاهه، پڊعيدن 45 ڊگري سينٽي گريڊ، ملتان 41 ڊگري سينٽي گريڊ، لاهور 39 ڊگري سينٽي گريڊ، پشاور 36 ڊگري سينٽي گريڊ، ڪراچي، اسلام آباد 3 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو