لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته لاهور ۾ تاريخي جلسو ٿيندو حڪومت کي ڊاهڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي قرباني ڏيڻ وارو ڪيس پارٽي جي سي اِي سي آڏو رکندس، ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو لانگ مارچ ڪنداسين. لاهور ۾ مريم نواز سان ڏاڏي جي وفات تي عذر خواهي بعد ساڻس گڏ پريس ٽاڪ دوران بلاول چيو ته حڪومت ۽ سهولتڪارن کي گهر ڀيڙو ڪيو ويندو.

پي ڊي ايم جا پلان اڳتي وڌڻ سان حڪومت جي پريشاني واضح نظر اچي رهي آهي، پي ڊي ايم ۾ شامل جماعتون اهڙي صورتحال پيدا ٿيڻ نه ڏينديون، جنهن مان ٽئين ڌر فائدو وٺي، مريم نواز چيو ته حڪومتي وزيرن اسان سان رابطو ڪيو آهي پر اسان کين ڪو به جواب ناهي ڏنو، عمران خان کي اين آر او نه ڏينداسين، نواز شريف ۽ پي ڊي ايم سان مقابلي جي دعويٰ ڪندڙ ۽ منهن تي هٿ ڦيري ڏسي رهندس جون ڌمڪيو ڏيندڙ اڄ ڳالهين لاءِ منتون پيو ڪري. مريم نواز چيو ته، لڳي ٿو ته حڪومت جو مقابلو پي ڊي ايم سان نه پر ڊي جَي بَٽ ۽ ڊيڪوريشن وارن سان آهي، مريم ۽ بلاول حڪومت سان ڳالهين جي آڇ رد ڪري ڇڏي ۽ چيو ته ووٽ چوري ڪري اقتدار ۾ ايندڙن کي گهر ڀيڙو ڪنداسين.










