لاهور(ڊيسڪ رپورٽ) آمدن کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ نيب جمع تي مريم نواز ۽ يوسف عباس کي لاهور جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪري 21 آگسٽ تائين سندن جسماني رمانڊ ورتو. احتساب عدالت جي جج نعيم ارشد جي عدالت ۾ سماعت جي موقعي تي سخت حفاظتي انتظام ڪيا ويا. نيب جي وڪيلن عدالت کي ٻڌايو ته شروع ۾ چوڌري شگر ملز ۾ مريم جا شيئر 8 لک روپين جها هئا جيڪي 2008 ۾ 41 ارب روپين جا ٿي ويا، کائنس پڇون ٿا ته اها رقم ڪٿان آئي، پرڏيهي سڙوڪار ڪير هئا ته هوءَ ڪجهه به نٿي ٻڌائي. نيب جي جاچ آفيسر مريم کان پڇيل سوالن جي لسٽ به عدالت ۾ پيش ڪئي. جج پڇيو ته پناما جو ڇا ٿيو نيب جي وڪيلن چيو ته 3 ڪيس تيار آهن جن مان چوڌري شگر ملز جو هڪ آهي. جج پڇيو ته اڳ ۾ داخل ڪيل ڪيس ۾ هي معاملو ڇون شامل ڪيو ويو هو ته جاچ آفيسر ڇيو ته هي معاملو جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ بعد ۾ سامهون آيو. عدالت جسماني رمانڊ منظور ڪندي 21 آگسٽ تي لين ٻيهر پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. پيشي جي موقعي تي پوليس مسلم ليگ جي ڪارڪنن کي جوڊيشل ڪامپليڪس جي ٻاهر روڪي ڇڏيو، جتي هنن ٽائر ساڙي حڪومت خلاف نعريبازي ڪئي. مريم جيئن ئي عدالتي ڪمري ۾ آئي ته وڪيل سيلفيون ٺاهيندا رهيا پولي سکين منع ڪئي ته عدالتي ڊيڪورم جو خيال ڪريو، جنهن تي وڪيلن ۽ پوليس ۾ ڏند چڪ به ٿيا.نيب جي وڪيلن طورحافظ اسدالله ۽ حارث قريشي پيش ٿيا جڏهن ته مريم جي وڪالت امجد پرويز ڪئي. مريم جو پٽ جنيد صفدر پنهنجي والد سان گڏ عدالت پهتو ۽ مريم سان ملاقات ڪئي. حمزه شهباز به عدالت ۾ موجود هو جنهن سان پڻ مريم ملاقات ڪئي. ذريعن موجب 31 جولاءِ تي جڏهن مريم نيب ۾ پيش ٿي هئي ته نيب پاران مريم کان پڇو ويو هو ته چوڏري شگر ملز ۾ متحده عرب امارات جي شهرين سعيد سيد جبار السويدا ۽ نيصر عبدالله لوطا، برانيا جي شهري شيخ ذڪاءَ الله ۽ سعودي شهري حاني احمد جمجون ڪير آهن جن هن مل ۾ شيئر خريد ڪيا ۽ اهي بعد ۾ اوهان جي ڀائرن جي نالي منتقل ٿيا؟ هن ڪو به اطمينان بخش جواب نه ڏنو. جڏهن کائنس پڇيو ويو ته اوهان وٽ لنڊن ۽ مختلف ملڪن مان پرڏيهي ڪرنسي ۾ ايندڙ رقم ڪنهن، ڪٿان ۽ ڇو موڪلي ته ان جو به هن ڪو جواب نه ڏنو. ياد رهي ته مريم نواز چوڌري شگر ملز جي اهم ۽ وڏي حصيدار آهي.
خط مامرو: هاءِ ڪورٽ جي سڀني ججن کان تجويزون طلب
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
عالمي واٽر سمٽ ۾ گورننس کي بهتر ڪرڻ تي زور
ٽي ايل پي بابت رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي
پشاور ۽ بلوچستان جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري
دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، تارڙ جو پاليسي بيان
آءِ ايم ايف پاران مختصر مدي وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح
بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو
ڪينيا جو آرمي چيف ڏهه آفيسر سميت اجل جو شڪار
خصوصي سيٽن وارن ميمبرن کان حلف وٺڻ جو حڪم
حدبندي جو تڪرار ، پينو فقير عدالت پهچي ويا
ٽڪ ٽاڪ پاران نئين ايپ متعارف
ايران تي اسرائيلي جارحيت، صورتحال جو جائزو وٺون پيا، ترجمان
جمشيد دستي ۽ اقبال احمد خان تي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي
مبينا جاسوسي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان گڏيل آپريشن جو فيصلو