لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز اين اي 249 ڪراچي جي سيٽ تي پيپلزپارٽي جي اميدوار جي ڪاميابي کانپوءِ اليڪشن ڪميشن کان نتيجا روڪڻ جو مطالبو ڪيو آهي.پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مريم نواز چيو ته ڪجهه سئو ووٽن تان ن ليگ جي فتح کي چورايو ويو آهي، اليڪشن ڪميشن کي تڪراري چونڊن مان هڪ ان اليڪشن جا نتيجا روڪڻ گهرجن ۽ جيڪڏهن نه به روڪي تڏهن به اها ڪاميابي عارضي هوندي ۽ جلد فتح ن ليگ جي حصي ۾ ايندي.










