لاهور(ويب ڊيسڪ)نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز لاهور هاءِ ڪورٽ پهچي پنهنجو پاسپورٽ وصول ڪري ورتو مريم نواز ڊپٽي رجسٽرار آفيس ۾ صحيحون ڪرڻ بعد پنهنجو پاسپورٽ حاصل ڪيو مريم نواز ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ کانسواءِ واپس رواني ٿي وئي، جڏهن ته سندس عدالت ۾ آمد وقت سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا لاهور هاءِ ڪورٽ گذريل ڏينهن مريم نواز کي پاسپورٽ واپس ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو هو










