مريم نواز ڊي پي اوز کي مخالفن خلاف استعمال ڪري پئي: سيف

مريم نواز ڊي پي اوز کي مخالفن خلاف استعمال ڪري پئي: سيف

پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي سڌ سماءَ واري صلاحڪار بئريسٽر محمد علي سيف چيو آهي ته مريم نواز ڊي پي اوز کي جاتي امرا سڏيندي آهي ۽ سندن مقررين جا فيصلا ڪندي آهي.پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر محمد علي سيف چيو ته پنجاب جو وڏي وزير بعد ۾ انهن آفيسرن کي مخالفن خلاف استعمال ڪندي آهي.هن چيو ته پنجاب پوليس جي مقرري جو واحد ڪارڻ پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي دٻائڻ آهي، جيڪي آفيسر پي ٽي آءِ ڪارڪنن تي وڌيڪ ظلم ڪن ٿا انهن کي ترقي ڏني وڃي ٿي.بئريسٽر سيف جو اهو به چوڻ آهي ته مينڊيٽ چورن کان هر ظلم جو بدلو ورتو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو