لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ مريم نواز خلاف توهين عدالت جي هڪ ٻي درخواست داخل ڪئي وئي آهي.لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مسلم ليگ (ن) جي چيف آرگنائيزر مريم نواز خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته عدليه خلاف مهم هلائي پئي وڃي، ان ڪري ڪارروائي ڪئي وڃي. عدليه کي بدنام ڪرڻ واري شخص خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي درخواست ۾ چيو ويو آهي ته مريم نواز پارلياماني جمهوريت جي ڳالهه ڪندي آهي، کيس احتياط ڪرڻ گهرجي، هن لفظن جي چونڊ صحيح ناهي ڪئي.










