لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز جي پاسپورٽ واپسي لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي. چيف جسٽس امير ڀٽي چيو ته ڪيس ۾ ٻئي ڌر کي ٻڌڻ لاءِ نوٽيس ڏنو پيو وڃي. لاهور هاءِ ڪورٽ نيب ۽ وفاقي حڪومت کان 27 سيپٽمبر تي جواب طلب ڪري ورتو.لاهور هاءِ ڪورٽ مريم نواز جي پاسپورٽ حاصل ڪرڻ لاءِ داخل درخواست جي ٻڌڻي لاءِ 3 رڪني بينچ جوڙي هئي.چيف جسٽس محمد عامر ڀٽي جي سربراهي ۾ فل بينچ جي ٻين ميمبرن ۾ جسٽس علي باقر نجفي ۽ جسٽس طارق سليم شيخ شامل آهن.مريم نواز درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته نيب چوڌري شگر ملز ڪيس ۾ سندس پاسپورٽ ضبط ڪيو هو پر 4 سال گذرڻ باوجود ڪو به ريفرنس داخل نه ڪيو ويو آهي، نيب جي حقن جي ڀڃڪڙي آهي.










