لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ مريم نواز جي ضمانت رد ڪرڻ واري درخواست تي لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.لاهور هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ نيب چيئرمين جي درخواست تي لکت ۾ فيصلو جاري ڪيو. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته نيب چيئرمين چوڌري شوگرملز ڪيس ۾ مريم نواز جي ضمانت رد ڪرڻ جي استدعا ڪئي. مريم نواز جي ضمانت جو حڪم فوري طور تي معطل نٿو ڪري سگهجي.لکت واري حڪم موجب نيب چيو آهي ته ٻيهر طلبي جي باوجود مريم نواز پيش ناهي ٿي. عدالت جي لکت واري حڪم ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 7 اپريل تي وفاقي گهرو سيڪريٽري کي نيب جي درخواست تي تفصيلي جواب داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.واضح رهي ته نيب چوڌري شوگرملز ڪيس ۾ مريم نواز جي ضمانت رد ڪرڻ جي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو آهي جنهن تي عدالت مريم نواز کي 7 اپريل جي لاءِ نوٽيس جاري ڪيو آهي.










