مريم نواز اڄ کان ٻن ڏينهن لاءِ سرگوڌا جو دورو ڪندي: مريم اورنگزيب

مريم نواز اڄ کان ٻن ڏينهن لاءِ سرگوڌا جو دورو ڪندي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته مريم نواز اڄ کان ٻن ڏينهن جي دوري تي سرگوڌا پهچندي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته مريم نواز اڄ سرگوڌا ۾ تنظيمي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي، سندس صدارت هيٺ سڀاڻي سرگوڌا ۾ تنظيمي اجلاس ٿيندو.مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ پارٽي جا مقامي صدر ۽ جنرل سيڪريٽري شرڪت ڪندا، اجلاس ۾ پارٽي جي تنظيمي ڍانچي ۽ ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو.هن چيو ته مريم نواز سوشل ميڊيا، وومين ۽ يوٿ ونگ جي عهديدارن سان به ملاقاتون ڪندي، هن پهرين فيبروري کان تنظيمي دورا شروع ڪري ڇڏيا آهن.ن ليگ ترجمان جو چوڻ آهي ته مريم نواز بهاولپور، ملتان، ايبٽ آباد، اسلام آباد ۽ راولپنڊي ڊويزنن جو دورو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو