مريم نواز لاهور جلسي لاءِ عوامي رابطا مهم جاري

مريم نواز لاهور جلسي لاءِ عوامي رابطا مهم جاري

لاهور (ويب ڊيسڪ) مخالف ڌر جي سڀني کان وڏي پارٽي مسلم ليگ(ن) جي مرڪزي نائب صدر مريم نوازاڄ لاهور ۾ ريلي جي اڳواڻي ڪندي 13 ڊسمبر واري جلسي ۾ عوام کي شرڪت جي دعوت ڏيڻ لاءِ شهر جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو. هن چيو ته تابعدار خان چوي پيو ته لاهور جلسو نه روڪينداسين ظاهر توهان روڪي به نٿا سگهو.هن چيو ته جعلي حڪومت جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن ۽ 13 ڊسمبر تي آر يا پآر ٿيندو. ريلي جاتي امرا کان شاهدره پهتي جتي جلسي جي شڪل اختيار ڪري وئي. رستي ۾ مختلف جاين تي مريم نواز جو استقبال ڪيو ويو. (ن)  ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته مريم نواز 13 ڊسمبر جي جلسي لاءِ لاهورين سان ملاقات ڪري کين شرڪت جي دعوت ڏني. مريم اورنگزيب چيو ته مريم نواز جي اڳواڻي ۾ نڪتل ريلي لاءِ استقباليه ڪيمپ لڳايا ويا آهن. ريلي قائداعظم انٽر چينج کان شروع ٿيندي. مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر شاهدره پهچي ريلي کي خطاب ڪندي. گذريل ڏينهن به(ن) ليگ جو سوشل ميڊيا ڪنوينشن ٿيو هو جنهن ۾ نوازشريف به خطاب ڪيو. مريم نواز چيو ته پي ڊيم ايم وڏا  فيصلا ڪرڻ وڃي رهي آهي. اٺ ڊسمبر تي آر  هوندو يا پار ٿيندو. هوڏانهن ڪورونا ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي(ن) ليگ جي مرڪزي اڳواڻن جي خلاف ايف آءِ آر به داخل ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف(ن) ليگ امڪاني گرفتارين ۽ تيارين کي نظر ۾ رکندي پلان بي تيار ڪري ورتو آهي. ليگي اڳواڻن جي گرفتاري جي صورت ۾ عورتون تيار هونديون جڏهن ته عورتون پنهنجي پنهنجي حلقن مان ريلي جي صورت ۾ جلسي گاهه پهچنديون.ياد رهي ته راولپنڊي ۾ به ريلي ڪڍڻ تي پاڪستان مسلم ليگ(ن) ۽ جي يو آءِ(ف) جي اڳواڻن خلاف به ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. داخل ڪيل ڪيس ۾ راولپنڊي جي اڳوڻي ميئر ملڪ ابرار کي به نامزد ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته(ن) ليگ 13 ڊسمبر تي ٿيندڙ جلسي کان اڳ سياسي ماحول گرم رکڻ چاهي ٿي ته جيئن  وڌ کان وڌ عوام شرڪت ڪري. مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب ان حوالي سان وڌيڪ چيو ته مافيا جي گهر وڃڻ وارو وقت اچي ويو آهي. عمران خان کي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي آهي ته هي عوامي تحريڪ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو