مريم عدالت م لڙڪ لاڙي ويٺي، 8 نومبر تائين رمانڊ منظور

مريم عدالت م لڙڪ لاڙي ويٺي، 8 نومبر تائين رمانڊ منظور

لاهور(ويب ڊيسڪ) مريم نواز ۽ سندس سوٽ يوسف عباس کي نيب وارن چوڌري شگر ملز ۾ رمانڊ لاءِ لاهور جي احتساب عدالت پهچايو عدالت 8 نومبر تائين سندن رمانڊ منظور ڪري ڇڏيو. احتساب عدالت ۾ مريم هڪ موقعي تي پنهنجي سوٽ جي ڪلهي تي مٿو رکي لڙڪ لاڙي ويٺي. يوسف عباس ۽ مريم اورنگزيب کيس دلاسو ڏيندا رهيا.

هن بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيند ي چيو ته مان بيمار ناهيان پر ميان صاحب جي حالت سبب طبيعت خراب آهي. هن چيو ته مان هر سختي برداشت ڪري سگهان ٿي پر ميان صاحب کي هن عمر ۾ تڪليف ۾ نٿي ڏسي سگهان. ٻئي پاسي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چوڌري شگر ملز ۾ ضمانت لاءِ ڏنل سندس درخواست تي عدالت نيب کي نوٽيس جاري ڪيو آهي ۽ 28 آڪٽوبر تي جواب طلب ڪيو آهي. بعد ۾ هن کي سروسز اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هوءَ پنهنجون ٽيسٽون ڪرائيندي ۽ والد سان به ملندي.

پهنجو تبصرو موڪليو