لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب حڪومت سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ وفاقي وزير جاويد لطيف کي پوليس اسٽيشن ۾ طلب ڪرڻ جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.ن ليگ جي ٻنهي اڳواڻن کي 18 آڪٽوبر تي پڇا ڳاڇا لاءِ لاهور جي گرين ٽائون پوليس اسٽيشن ۾ طلب ڪيو ويو آهي.نوٽيس موجب ايم ڊي پي ٽي وي سهيل خان ۽ پروڊيوسر پي ٽي وي رشيد بيگ کي به طلب ڪيو ويو آهي.نوٽيس موجب چئن ڄڻن خلاف گرين ٽائون ٿاڻي تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.










