مريخ تي تحقيق لاءِ گڏيل عرب امارات جو خلائي مشن روانو

ڪراچي (ويب ديسڪ)متحده عرب امارات خلائي تحقيق لاءِ مريخ تي پنهنجو پهريون مشن روانو ڪري ڇڏيو. عرب دنيا جو هي پهرين مشن آهي جيڪو ڳاڙهي سياري طور مشهور مريخ تي تحقيقات ڪندو. 200 ڏينهن بعد خلائي مشن مريخ تي پهچندو ۽ ٻن سالن تائين تحقيق ڪرڻ بعد واپس ايندو. گلف نيوز موجب جاپان جي ٽينگيشيما خلائي مرڪز مان صبح 5 وڳي ايڇ ٽو اي راڪٽ ذريعي روانو ڪيو ويو. جنهن جو سڌي ريت معائنو گڏيل عرب امارات جي صدر به ڪيو.

Photo Twitter

هن کي عربي ۾ ‘ال امن مشن’ جڏهن ته انگريزي ۾ ‘هوپ مشن’ جو نالو ڏنو ويو آهي. اڳ۾ هي مشن 15 جولاءِ تي روانو ٿيڻو هو پر موسم خراب هئڻ ڪري 17 جون تي موڪلڻ جو اعلان ٿيو پر ان ڏيهن به موسم خراب هئي جنهن بعد 20 جولاءِ تي نيٺ روانو ڪيو ويو. جنهن بعد متحده عرب امارات دنيا جو پهريون ملڪ آهي جنهن مريخ تي مشن روانو ڪيو آهي. خلائي گاڏي 21 هزار ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان سفر ڪندي مريخ تي پهچندي. جتي هوا، پاڻي ۽ گيس سميت ٻيا مادا موجود هئن بابت جاچ ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو