مرد مان عورت جي خواھش رکندڙ نوجوان عدالت ۾ پيش

مرد مان عورت جي خواھش رکندڙ نوجوان عدالت ۾ پيش

ميرپورخاص (ن سنڌ يار) ميرپورخاص جي علائقي گلشن حيدر ڪالوني واسي مرد مان عورت ٿيڻ جي خواھش رکندڙ 21 سالن جي  طاحا  کوسو کي ٽائون پوليس فرسٽ جوڊيشل مئجسٽريٽ ون جي عدالت ۾ پيش ڪيو، نوجوان جو عدالت پاران بيان رڪارڊ ڪرڻ بعد نوجوان کي مائٽن حوالي ڪري ڇڏيو.مبينا جنس تبديل ڪرڻ جي خواھش رکندڙ گلشن حيدر ڪالوني واسي 21 سالن جي نوجوان طاحا کوسو کي ٽائون پوليس پاران عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.جتي نوجوان بيان ڏيندي چيو ته آئون جنس تبديل ڪري عورت ٿيڻ چاھيان ٿو ۽ پڙھيل لکيل آھيان، مون ميڪنيڪل انجنيئرنگ ۾ بي اي ڪئي آھي، آئون پنھنجي پاڻ کي عورت محسوس ڪريان ٿو پر مھنجا  مائٽ راضي ناھن جنس تبديل نٿا ڪرڻ ڏين ۽ مون کي ھراسان ڪري تشدد ڪندا آھن ۽ مائٽن منھنجا وار ڪٽي تشدد جو نشانو بڻايو.ھن وڌيڪ چيو ته مون ڊاڪٽرن سان رابطو ڪيو آھي، جن موجب منھنجي جنس تبديل ٿي سگهي ٿي پر مائٽن خاطر ھو 06 مھينا سائڪو اسپيشلسٽ کان علاج ڪرائيندو ۽ 06 مھينن اندر ھن جو ذھن تبديل ٿي ويو ته ھو بنا جنس تبديل ڪرائڻ جي زندگي گذاري سگھي ٿو ته ھو جنس تبديل نه ڪرائيندو، آئون مائٽ سان گڏ رھڻ چاھيان ٿو پر شرط اھو آھي ته مون کي تشدد جو نشانو نه بڻائين.جڏھن ته ان موقعي تي نوجوان جي امڙ غزالا سرفراز عدالت ۾ پيش ٿي، جتي ھن پاران نوجوان تي تشدد نه ڪرائڻ جي يقين دھاني ڪرائي ۽ سندس امڙ چيو ته منھجو پٽ سائڪو مريض ٿي ويو آھي، ان ڪري سائڪو اسپيشلسٽ کان علاج ڪرائينداسين، جڏھن ته اھڙي بيان بعد عدالت نوجوان کي مائٽن حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. جڏھن ته ان موقعي تي نوجوان جي وڪيل آصف چوڌري ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد نوجوان کي پوليس بازياب ڪرايو، عدالت ۾ طاحا ٻڌايو ته مون کي مائٽن تشدد ڪيو ۽ تنگ ٿي مون خودڪشي جي ڪوشش ڪئي پر آئون بچي ويس جنھن بعد عدالت ۾ مائٽن پاران نوجوان کي تشدد نه ڪرڻ جو لکت ۾ بيان ڏنو آھي، نوجوان اھو پڻ چيو ته کيس ڪا خبر نه آھي ته سندس وڊيو ڪنھن سوشل ميڊيا تي وائرل ڪئي آھي. ھن اھو پڻ چيو ته ميڊيا وارن کي آئون بيان نٿو ڏيڻ چاھيان.جنھن بعد عدالت پاران پوليس کي حڪم ڏنو ويو ته نوجوان کي ميڊيا کان پري رکيو وڃي ۽ سندس ڪنھن  به قسم جو ميڊيا کي بيان وٺڻ نه ڏنو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو