ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ جي اصل آبادي 64.4 ملين آهي جڏهن ته وفاقي حڪومت 57.6 ملين ڳڻيو آهي جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته 6.8 ملين ماڻهن جي ڳڻپ نه ڪئي وئي آهي، اهو ڪو گهٽ فرق ناهي جڏهن ته پنجن سالن جي عرصي (2017-2023) جي آدمشماري ڪرائڻ جو مقصد صحيح، شفاف ۽ سائنسي طرز جي ڳڻپ ڪرائڻ هو پر اهو عمل به نه قبولڻ وارو ثابت ٿيو آهي. هن اها ڳالهه اڄ وزيراعليٰ هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چئي. ان موقعي تي اطلاعات وارو وزير شرجيل ميمڻ، سيد ناصر شاهه ۽ مرتضيٰ وهاب پڻ ساڻس گڏ هئا. آدمشماري: آدمشماري 2023 بابت ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته ڪالهه اسلام آباد ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ کيس دعوت نه ڏني وئي پر چيف سيڪريٽري شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مونکي اعتماد ۾ وٺڻ بدران اهو فيصلو ڪيو ويو ته 15 مئي کان پنجاب کانسواءِ سڄي ملڪ ۾ آدمشماري بند ڪئي ويندي. سنڌ جي وڏي وزير سوال ڪيو ته جيڪڏهن آدمشماري ڪرائڻ جو مقصد شرح وڌائڻ جي بنياد تي هو ته پوءِ اهڙو خوفناڪ عمل ڪرڻ جي ڪا ضرورت نه هئي. هن چيو ته قانون موجب آدمشماري هر 10 سالن کانپوءِ ٿيندي آهي. هن وڌيڪ چيو ته آخري آدمشماري 2017ع ۾ ٿي هئي پر اها اميدن مطابق نه هئي تنهنڪري هن سي سي آءِ ۾ آواز اٿارڻ کانپوءِ وفاقي حڪومت 2023ع ۾ ٻي آدمشماري ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو. هن مطالبو ڪيو ته هاڻي 2023ع جي آدمشماري به تڪراري ثابت ٿي رهي آهي ان ڪري وفاقي حڪومت کي گهرجي ته صوبائي حڪومتن کي اعتماد ۾ وٺي ۽ ان ۾ موجود خاميون ختم ڪري ٻي صورت ۾ سندن حڪومت وٽ ان کي رد ڪرڻ کانسواءِ ڪوبه رستو نه هوندو. مراد علي شاهه انگن اکرن کي ڏنل ٽيبلن جي اسڪرينن مان ورتل ڪجهه سلائيڊ ڏيکاريون جن مان هڪ سلائيڊ ۾ لکيل هو ته ”اڄ 17 مئي 2023 آهي، بلاڪ (تعلقو جاتي، ضلعو سجاول) 1 ۽ 11 مارچ 2023 جي وچ ۾ڳڻپ شروع ٿيندي.“ هن مختلف بلاڪن جون سلائيڊون ڏيکاريون جن ۾ ٽنڊوالهيار ۾ دڙو سٽا، شهدادڪوٽ ۾ مرادي ۽ عمرڪوٽ ۾ سرڪل-9 شامل آهن جتي 18 مئي 2023 تي ٽيبليٽ اسڪرين تي اهڙا پيغام لکيل هئا. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته بلاڪن جي ڊيٽا داخل ڪندڙ انگن اکرن کي مرڪزي ڊيٽا سينٽرز قبول نه پيو ڪري. 2017 جي آدمشماري جي ڊيٽا شيئر ڪندي مراد شاهه چيو ته پنجاب جي آبادي 109989655 آهي جنهن ۾ 17107953 رجسٽرڊ گهرن (HH) جو سراسري تعداد 6.43 آهي. 2023 ۾ پنجاب جي امڪاني آبادي 123375402 آھي جنھن جي اوسط 6.24 في گھر آھي. 2017 جي آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي 47854510 هئي جنهن ۾ 8626204 گهر هئا. سراسري شرح في گھر 5.55 ھئي. 2023 ۾ صوبي جي امڪاني آبادي 57665774 آهي جنهن ۾ 10256995 گهر آهن ۽ گھر جي اوسط شرح 5.62 آھي. 2017 ۾ خيبرپختونخواهه ۾ گهرن جو تناسب 7.13 رڪارڊ ڪيو ويو ۽ هاڻي – يعني 2023 ۾ 6.92 امڪان آهي. 2017 ۾ بلوچستان ۾ گھرن جي سراسري تعداد 6.97 ھو ۽ ھاڻي – 2023 ۾ اھو 6.26 جو امڪان آھي. انگ اکرن پٽاندڙ سنڌ جي آبادي ۾ ساليانو 3.17 سيڪڙو اضافو ٿيو، پنجاب جي گھٽتائي ۽ بلوچستان جي آبادي وڌي ٿي. 2017 ۾ بلوچستان ۾ اهو تناسب 6.7 ۽ سنڌ ۾ 5.55 هو. مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جي آبادي 64.4 ملين آهي جڏهن ته 57.66 ملين ڏيکاري پئي وڃي جنهن مان 68 لکن جي وڏي کوٽ ظاهر ٿئي ٿي. وڏي وزير چيو ته آدمشماري ۾ ڪراچي جي سمورن بلاڪن جي صحيح ڳڻپ ناهي ڪئي وئي ۽ ڪجهه بلاڪن ۾ اسان جي آبادي گهٽ ڏيکاري پئي وڃي جيڪا قبول جوڳي نه آهي ۽ سمورا تفصيل رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال کي موڪليا ويا آهن ته اسان جي آدمشماري کي صحيح ڳڻيو ناهي ويو. 9 مئي واقعو: 9 مئي تي پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ تشدد ۽ ساڙڻ وارن واقعن بابت ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته اهو عمل قبول جوڳو نه آهي ان کي برداشت نه ڪيو ويندو. هن واضح اعلان ڪيو ته تشدد ۾ ملوث سڀني جوابدارن کي گرفتار ڪنداسين. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته انهن قومي اثاثن جي اهم يادگارن کي ساڙيو جيئن شهيد ڀٽو جي تعمير ڪيل چاغي جي يادگار، هڪ جنگي جهاز جنهن 5 ڀارتي جنگي جهازن کي ڪيرائڻ جو رڪارڊ قائم ڪيو ۽ باباءِ قوم جي رهائشگاهه جناح هائوس (هاڻي ڪور ڪمانڊر جو گهر) شامل آهن. هن چيو ته هي ڪو معمولي تشدد جا واقعا نه پر اڳواٽ رٿابندي ڪيل هئي ۽ هي جنون سندن اعليٰ قيادت کان شروع ٿيو. ڪراچي بابت ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هنن هڪ پيڊسٽرين برج، هڪ رينجر چيڪ پوسٽ، هڪ پوليس موبائيل، هڪ پيپلز بس، ٻه واٽر باؤزر، موٽرسائيڪلون ۽ وڻن سميت ٻيا ڪيترائي نقصان ڪيا آهن. هن چيو ته جيتري تائين سنڌ حڪومت جو تعلق آهي ته اسان ڪنهن به ڏوهاري کي نه بخشينداسين. اين ايف سي ايوارڊ: مراد علي شاهه چيو ته آخري اين ايف سي ايوارڊ 2010ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ڏنو هو ۽ ان کانپوءِ اڃان تائين انتظار آهي. هن وڌيڪ چيو ته هڪ ڀيرو آدمشماري مڪمل ٿي ويندي ته ان جو اثر اين ايف سي ايوارڊ تي پوندو. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته شهرين جي ڳڻپ کانپوءِ غيرقانوني مهاجرن جي به ڳڻپ ڪئي وڃي ته جيئن ملڪ ۾ رهندڙن ۽ غير قانوني ماڻهن جي ٽوٽل آبادي جو اندازو لڳائي سگهجي. مراد علي شاهه ان تاثر کي رد ڪري ڇڏيو ته ايم ڪيو ايم 2017 جي آدمشماري جو معاملو اٿاريو آهي. هن چيو ته مون نه رڳو ميڊيا بيانن ۽ پريس ڪانفرنسن ذريعي آواز اٿاريو پر سي سي آءِ ۾ سنڌ جو ڪيس پڻ وڙهيو آهي. ميئر ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي شهر ۾ واحد وڏي پارٽي بڻجي اڀري آهي تنهنڪري هو پنهنجو ميئر چونڊرائيندو. هن چيو ته شهر ۾ اسان جو ميئر هوندو ۽ عوام ڄاڻي ٿو ته اسان سندن خدمت ڪئي آهي ۽ ووٽ ذريعي ان جو اعتراف ڪيو آهي. هن چيو ته 1970ع جي چونڊن ۾ پيپلز پارٽيءَ کي سڀ کان وڌيڪ ووٽ مليا ۽ ان کانپوءِ سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت جي خدمت تي يقين رکندڙ شهر جي عوام کين مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ ووٽ ڏنو. هن چيو ته جيڪڏهن مان رڪارڊ ترقياتي ڪمن کي ڳڻائڻ ويهان ته سندس پريس ڪانفرنس جو سمورو وقت ان ۾ گذري ويندو. هن وڌيڪ چيو ته سندس حڪومت پاران شروع ڪيل ۽ مڪمل ڪيل روڊ، پارڪ، فلائي اوور، انڊر پاسز، اسٽام واٽر ڊرين، اسپتالون ۽ ٻيون مختلف ترقياتي اسڪيمون هن شهر جي عوام جي خدمت ۽ سندس حڪومت جي ڪارڪردگيءَ جو ثبوت آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته جماعت اسلامي 2016ع جي مڪاني چونڊن ۾ ضلعي سينٽرل مان هڪ به سيٽ نه کٽي هئي ته پوءِ موجوده ننڍي چونڊن دوران کين ايتريون سيٽون ڪيئن مليون؟ پر اها سڀ کان وڏي پارٽي ته اڀري نه آئي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت ٻين جا حق کسڻ تي يقين نٿي رکي. هن ياد ڏياريو ته وسيم اختر جڏهن جيل ۾ هو ته 25 آگسٽ 2016 تي کيس ميئر جي چونڊ وڙهڻ لاءِ ٻاهر آندو ويو هو. هن چيو ته پيپلز پارٽي کيس جيل مان نه ڪڍي ها ته هو چونڊون نه کٽي ها. سنڌ جي وڏي وزير 9 مئي 2023 جي تشدد جي الزامن کي منهن ڏيندڙ پي ٽي آءِ جي چونڊيل نمائندن (ڪائونسلرز) کي آڇ ڪئي ته هو رضاڪاراڻي طور تي هٿيار ڦٽا ڪن ته جيئن انهن سان انصاف ٿي سگهي. پاڻي جي کوٽ: پاڻي کوٽ جو معاملو اٿاريندي مراد علي شاهه چيو ته سنڌ کي ان جو جائز حق نه پيو ملي. هن افسوس جو اظهار ڪيو ته جڏهن پاڻي گهڻو هو ته سندس صوبي ۾ ٻوڏ آئي ۽ جڏهن کوٽ ٿي ته سنڌ کي پنهنجي حصي کان محروم ڪيو ويو. سنڌ جي وڏي وزير ارسا تي زور ڀريو ته هو صوبي کي پنهنجي حصي جو پاڻي جاري ڪري ته جيئن خريف جا فصل وقت تي پوکي سگهجن ۽ جيڪي پوکيا ويا آهن انهن کي بنجر ٿيڻ کان بچائي سگهجي.










