ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي نااهل قرار ڏيڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي.. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته مراد علي شاهه کي 2013 ۾ ٻٽي شهريت لڪائڻ تي سپريم ڪورٽ نا اهل قرار ڏنو هو، ٻٽي شهريت ڪيس ۾ نااهلي باوجود هن ننڍي چونڊ ۾ حصو ورتو ۽ ڪامياب ٿي ويو، مراد علي شاهه صادق ۽ امين ناهي رهيو، مراد علي شاهه کي آرٽيڪل 62 ۽ 63 تحت مستقل طور تي نا اهل قرار ڏنو وڃي. ياد رهي ته مراد علي شاهه جي مخالف سياسي اڳواڻن به اڳ ۾ ساڳئي نوعيت جي درخواست ڏني هئي جيڪا سنڌ هاءِ ڪورٽ رد ڪئي هئي ۽ سپريم ڪورٽ به اهو فيصلو برقرار رکيو هو.










