مراد علي شاهه جو چيني قونصليٽ جو دورو،بريفنگ

مراد علي شاهه جو چيني قونصليٽ جو دورو،بريفنگ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چيني قونصليٽ جو دورو ڪيو سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي يونيورسٽي ۾ وين ڌماڪي بابت چيني قونصل جنرل کي آگاهه ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير ڌماڪي ۾ 3 چينين جي فوت ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير قونصل جنرل کي واقعي جي مڪمل جاچ جو يقين ڏياريو. ڌماڪي ۾ ملوث ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. اسان ملڪ ۽ صوبي ۾ چيني ماهرن جي خدمتن کي ساراهيون ٿا. . سنڌ جو وڏو وزير چيو ته ڪجهه سازشي عناصر پاڪستان ۽ چين جي ڀائيواري کي پسند نٿا ڪن اهڙي سوچ ۽ ڪردارن کي لوهي هٿن سان منهن ڏيڻو پوندو. قونصل جنرل واقعي کان پوءِ فوري طور تي چيني قونصليٽ اچڻ تي سنڌ جي وڏي وزير جو شڪريو ادا ڪيو.ان موقعي تي چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت ۽ آءِ جي سنڌ مشتاق پڻ موجود هئا. وڏي وزير چيني ڪائونسل جنرل کي ٻڌايو ته چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ صدر زرداري به واقعي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. وڏي وزير ڪائونسل جنرل کي ٻڌايو ته وزيراعظم به فون ڪري واقعي جا تفصيل طلب ڪيا

پهنجو تبصرو موڪليو