مراد شاهه ڪٺ پتلي آهي هن جون واڳون زرداري وٽ آھن،فواد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جو وڏو وزير وفاق بدران قومپرست سياست ڪري رهيو آهي، مراد علي شاهه ۽ سندس ڪابينا ڪٺ پتلي آهن، جن جون واڳون آصف زرداري وٽ آهن، سنڌ ۾ گورنر راڄ جي گنجائش ناھي، گورنر راڄ مسئلي جو حل ناهي، سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 140 اَي لاڳو ڪري، سنڌ ۾ پکيڙيل تعصب جي تڪليف سڄو ملڪ ڀوڳيندو آهي، سنڌ کي 3 سالن ۾ 18سئو ارب رپيا ڏنا آهن، اهي پئسا ڪٿي پيا خرچ ٿين؟، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته سنڌ جو وڏو وزير وفاق بدران قومپرست سياست ڪري رهيو آهي، مراد علي شاهه ۽ سندس ڪابينا ڪٺ پتلي آهن، جن جون واڳون آصف زرداري وٽ آهن، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو آهي ته سنڌ ۾ گورنر راڄ مسئلي جو حل ناهي، سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 140 اَي لاڳو ڪري، سنڌ ۾ پکيڙيل تعصب جي تڪليف سڄو ملڪ ڀوڳيندو آهي، سنڌ کي 3 سالن ۾ 18سئو ارب رپيا ڏنا آهن، اُهي پئسا ڪٿي پيا خرچ ٿين؟: سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو آهي ته سنڌ پوليس وٽ اهليت ناهي ته اها ڪراچي ۾ امن قائم ڪرائي سگهي، تڏهن ته رينجرز کي هر سال ڳري رقم ڏني ويندي آهي، فواد چوڌري چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ سنڌ ڪابينا ۾ ويٺل ماڻهن جي چوري سبب ٿي آهي، پنجاب ۽ ٻيا صوبا چئي رهيا آهن ته سنڌ کي حصي کان وڌيڪ پاڻي ملي ٿو، پر سنڌ حڪومت واويلا ڪري رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو