مراد شاهه جي سڪندر علي منڌرو جي پٽ سان عذر خواهي

مراد شاهه جي سڪندر علي منڌرو جي پٽ سان عذر خواهي

ٽنڊوباگو (ن سنڌيار) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اڄ بدين پهچي اڳوڻي صوبائي وزير ۽ سينيٽر مرحوم ڊاڪٽر سڪندر علي منڌرو جي پٽ ذڪريا سڪندر منڌرو ۽ ڀاءَ ڊاڪٽر ڪوثر منڌرو سان عذر خواهي ڪئي. ان موقعي تي هن سوڳوار خاندان سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته رب پاڪ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا ڪري ۽ پونئيرن کي صبر جي توفيق ڏي. ان موقعي تي وڏي وزير جو چوڻ هو ته مرحوم ڊاڪٽر سڪندر علي منڌرو جي لاڏاڻي سان بدين جي رهواسين، پاڪستان پپيلزپارٽي ۽ خاص ڪري مون لاءِ تمام وڏو صدمو آهي. ھن چيو ته مرحوم ڊاڪٽر سڪندر علي منڌرو پي پي پي جو هڪ وڏو اثاثو هو، ڊاڪٽر صاحب جي بدين جي رهواسين ۽ پي پي پي لاءِ ڪيل اڻٿڪ خدمتن کي ڪڏهن به نٿو وساري سگهجي، سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پارٽي جا اڳواڻ ڄاڻن ٿا ته ڊاڪٽر سڪندر منڌرو جي وڃڻ سان پارٽي کي وڏو نقصان رسيو آهي ۽ هڪ خلا پيدا ٿي ويو آهي جنهن کي پورو نٿو ڪري سگهجي، ھن چيو ته پي پي پي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي ضلعي هيڊ ڪوارٽر اسپتال بدين کي ڊاڪٽر سڪندر علي منڌرو جي نالي سان منسوب ڪيو پيو وڃي جنهن جو جلد نوٽيفائيڊ ڪيو ويندو. وڏي وزير چيو ته ڊاڪٽر سڪندر علي منڌرو کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، اڳوڻي صدر پاڪستان آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو سان گڏ ڪم ڪيو ۽ انهن سمورن سندس صلاحيتن جو اعتراف پڻ ڪيو، وڏي وزرير چيو ته هو ڊاڪٽر سڪندر علي منڌرو کي پنهنجو استاد مڃي ٿو ڇاڪاڻ ته پهريون دفعو 2002ع ۾ جڏهن هو چونڊجي اسيمبلي ۾ آيو ته ان وقت هن سمورن نئين آيل ميمبرن کي اسيمبلي جي قائدي ۽ ضابطي بابت آگاهي ڏني. ان موقعي تي صوبائي وزير نوابزاده محمد تيمور ٽالپر، وڏي وزير جي صلاحڪار خاص حاجي رسول بخش چانڊيو، وڏي وزير جي اسپيشل اسسٽنٽ پير نور ا لله قريشي، سنڌ اسيمبلي جي ميمبر تاج محمد ملاح، چيئرمين ايريا واٽر بورڊ قبول محمد کٽياڻ، اڳوڻي چيئرمين ضلعي ڪائونسل بدين اصغر هاليپوٽو، پي پي پي جي ضلعي صدر حاجي رمضان چانڊيو، بدين ضلع جنرل سيڪريٽري حاجي سائين بخش جمالي، ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد نديم الرحمان ميمڻ، ڊي آئي جي پوليس حيدرآباد سيد پير محمد شاهه، ڊپٽي ڪمشنر بدين آغا شاهنواز خان، اڳوڻي سيڪريٽري آبپاشي اشفاق ميمڻ، خانصاحب جمالي، عبدالغفور نظاماڻي، محمد نواز چانڊيو، حاجي شير جمالي، ڊاڪٽر دودو مهيري، گل محمد جکراڻي موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو