مراد سعيد جي گرفتاري لاءِ ڪي پي پوليس کي خاص ٽاسڪ

مراد سعيد جي گرفتاري لاءِ ڪي پي پوليس کي خاص ٽاسڪ

پشاور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ مراد سعيد جي گرفتاري لاءِ خيبرپختونخواهه پوليس کي خاص ٽاسڪ ڏنو ويو آهي.مراد سعيد ڪي پي، پنجاب ۽ اسلام آباد پوليس کي گهربل آهي، سندس گرفتاري لاءِ خيبرپختونخواهه پوليس کي خاص ٽاسڪ ڏنو ويو آهي.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته مراد سعيد جي پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ موجودگي جا اطلاع ناهن پر سوات ۽ بٽ خيل ۾ سندس موجودگي جا اطلاع آهن.ٻئي طرف پوليس چارسده ۾ اڳوڻي صوبائي وزير عارف احمد زئي جي گهر تي ڇاپو هنيو پر اڳوڻو صوبائي وزير گهر تي موجود نه هو.جڏهن ته ڳولا بعد پوليس اهلڪار واپس هليا ويا

پهنجو تبصرو موڪليو