مراد راس عمران خان راهون جدا ڪري ڇڏيون،روئي ويٺو

مراد راس عمران خان راهون جدا ڪري ڇڏيون،روئي ويٺو

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي صوبائي اڳواڻ ۽ پنجاب جي اڳوڻي تعليم واري وزير مراد راس عمران خان کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.لاهور ۾ مراد راس پنهنجي ساٿين سان گڏ اهم پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 9 مئي تي جيڪو ڪجهه ٿيو سو عمران خان جي صلاحڪارن جي ڪري ٿيو.هن چيو ته ملڪ جي ترقي لاءِ ڪم ڪرڻ لاءِ اسان جهڙن ماڻهن جو هڪ گروپ ٺاهيو آهي.مراد راس وڌيڪ چيو ته اسان ڪڏهن سوچيو به نه هو ته پي ٽي آءِ کي الوداع چئي وينداسين، اڄ عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جدا ٿي رهيا آهن.هن چيو ته ملڪ اسان سڀني جو آهي، اسان سڀني کي هتي ئي رهڻو آهي، ويڙهه سان ملڪ بهتر نٿو ٿي سگهي.مراد راس وڌيڪ چيو ته جڏهن خان صاحب کي لاهور منتقل ڪيو ويو ته ساڻس لاڳاپيل صلاحڪار پي ٽي آءِ چيئرمين کي هتي وٺي آيا.هن چيو ته اڄ ڪٿي بيٺا آهيون خبر نه هئي ته اهڙا ماڻهو ويٺا هوندا.

پهنجو تبصرو موڪليو