اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي گادي واري شهر جي هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته مذهبي جذبن کي مجروح ڪرڻ وڏو ڏوهه آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ سوشل ميڊيا ضابطن خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران جسٽس اطهر من الله وڪيل ايمان مزاري کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا هن سوشل ميڊيا رولز جو اڀياس ڪيو آهي؟ توهان جنهن ڪردار جو ذڪر ڪري رهيا آهيو اهو بلڪل مناسب آهي. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو ته ريگوليشن غير قانوني ناهي، انهن کي ضابطا ٺاهڻ جو اختيار آهي، قاعدا ٺاهيا ويا آهن ته تڪراري ۽ غير قانوني مواد هٽائي سگهجي. اطهر من الله چيو ته مذهبي جذبن کي مجروح ڪرڻ ڏوهه آهي.چيف جسٽس وڪيل کي هدايت ڪئي ته ايندڙ ٻڌڻي تي سوشل ميڊيا رولز پڙهو ۽ تياري سان پيش ٿيو. بعد ۾ عدالت سوشل ميڊيا ضابطن خلاف درخواست تي ٻڌڻي 4 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










