اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي مدي خارج شناختي ڪارڊ تي جاري موبائل سمز بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.وفاقي گهرو وزير محسن نقوي نادرا هيڊڪوارٽر جو دورو ڪيو، جتي سندس صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ هن پنجاب ۾ ماڊل پوليس اسٽيشنن جي طرز تي سڄي ملڪ ۾ نادرا آفيسون ٺاهڻ جي هدايت ڪئي.گهرو وزير چيو ته پنجاب ۾ ماڊل پوليس اسٽيشنن جي قيام سان عوام جي سهولت سان گڏ پوليس جو اميج به بهتر ٿيندو.محسن نقوي چيو ته ڊيٿ سرٽيفڪيٽ فيس ختم ڪئي پئي وڃي، پيدائش، موت، نڪاح ۽ طلاق جي سرٽيفڪيٽن لاءِ يونين ڪائونسل آفيسن جي سهڪار سان سادو سسٽم متعارف ڪرايو وڃي.گهرو وزير هدايت ڪئي ته شهرين جي ڊيٽا جي مڪمل سڪيورٽي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ عوام جي سهولت لاءِ موبائل پليٽ فارم تي وڌيڪ سهولتون فراهم ڪيون وڃن، اداري جي قدمن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ سوشل ميڊيا جو ڀرپور استعمال ڪيو وڃي. وفاقي گهرو وزير مدي خارج شناختي ڪارڊن تي جاري موبائل سمز کي به بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
ٽيريان وائيٽ ڪيس ۾ عمران خان جي نااهلي واري درخواست رد
ايجنسين جي ڪم تي نه،قانون خلاف ڪمن تي اعتراض آهي، جسٽس محسن
پي ٽي آءِ ترجمان رئوف حسن نامعلوم ماڻهن جي حملي ۾ زخمي
اوگرا گيس جون قيمتون 10 سيڪڙو گهٽ ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي
بجلي صارفين تي ٻيهر اربين روپين جو اضافي بار وجهڻ جي تياري
ڊي جي رينجرز پاران سنڌ جي ڪچي وارن علائقن جو دورو
صحافي تي فائرنگ،گوليون لڳڻ سبب زخمي، اسپتال متقل
ڪڻڪ اسڪينڊل جا ذميوار ملي ويا،ڪاروائي جي منظوري
ڊار کي ڊپٽي وزيراعظم بڻائڻ خلاف درخواست تي ڌرين کان جواب طلب
سنڌ ۽ پنجاب ۾ اڄ کان 27 مئي تائين گرمي جي لهر واڌ جو امڪان
اٽارني جنرل گم ٿيل ماڻهن بابت ڪميٽي جي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏي
اسڪولن ۾ ٻارن جي ڊرگ ٽيسٽ ڪرائي ويندي: شرجيل ميمڻ
ووٽ نه ڏيندڙن کي سزا ملڻ گهرجي: پريش راول
پاڪستاني هاڪي ٽيم کي اڄ يورپ جي ويزا ملڻ جا امڪان
تاريخ ۾ جهاتي، حيدر بخش جتوئي
سنڌيار ڪراچي 21 مئي 2024
سنڌيار سکر 21 مئي 2024
سپريم ڪورٽ ۾ ٽن ججن جي مقرري لاءِ جڊيشل ڪميشن اجلاس طلب
زرداري نجي دوري تي دبئي روانو، گيلاني قائم مقام صدر
ايراني صدر،پرڏيھي وزير سميت ھيليڪاپٽر حادثي ۾ فوت