’مدر آف آل ڊيلز‘ ڀارت ۽ يورپي يونين ۾ واپاري معاهدو

’مدر آف آل ڊيلز‘ ڀارت ۽ يورپي يونين ۾ واپاري معاهدو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)انڊيا ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ لڳ ڀڳ ٻن ڏهاڪن تائين هلندڙ ڳالهين کان پوءِ هڪ تاريخي واپاري معاهدو طئي ٿي ويو آهي۔
يورپي ڪميشن جي صدر ارسلا وان ڊر ليئن ايڪس (سابق ٽوئيٽر) تي لکيو ته: “اسان سڀني کان وڏو معاهدو، يعني ‘مدر آف آل ڊيلز’ طئي ڪري ڇڏيو آهي.”
هن چيو ته: “اسان ٻن ارب ماڻهن لاءِ فري ٽريڊ زون قائم ڪيو آهي، جنهن مان ٻنهي ڌرين کي فائدو ٿيندو. هي رڳو شروعات آهي، اسان جي اسٽريٽجڪ ڀائيواري وڌيڪ مضبوط ٿيندي.”
انڊيا جي وزيراعظم نريندر مودي پڻ هن معاهدي کي تاريخي قرار ڏنو، جنهن تحت 27 يورپي ملڪن تي مشتمل يونين ۽ انڊيا جي وچ ۾ آزاد واپار (فري ٽريڊ) ممڪن بڻجندو۔
اڱاري ڏينهن، انڊيا انرجي ويڪ 2026 جي چوٿين ايڊيشن جي افتتاحي تقريب دوران خطاب ڪندي مودي چيو: “ڪالهه انڊيا ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ هڪ وڏو معاهدو طئي ٿيو آهي، جنهن کي ماڻهو ‘مدر آف آل ڊيلز’ سڏي رهيا آهن.”
هن وڌيڪ چيو: “هي معاهدو انڊيا جي 1.4 ارب ماڻهن ۽ يورپي ملڪن جي لکين ماڻهن لاءِ بي انتها موقعا پيدا ڪري ٿو. هي دنيا جي ٻن وڏين معيشتن وچ ۾ هم آهنگي جي بهترين مثال آهي.”
وزيراعظم مودي چيو ته: “هي معاهدو عالمي جي ڊي پي جي لڳ ڀڳ 25 سيڪڙو ۽ عالمي واپار جي لڳ ڀڳ هڪ ٽين حصي جي نمائندگي ڪري ٿو. هي معاهدو رڳو واپار تائين محدود ناهي، پر جمهوريت ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ اسان جي گڏيل وابستگي کي به مضبوط ڪري ٿو.”
مودي وڌيڪ چيو ته: “يورپي يونين سان هي واپاري معاهدو برطانيا ۽ يورپي فري ٽريڊ ايسوسيئيشن (EFTA) سان ٿيندڙ معاهدن کي به مڪمل ڪندو.”
واپاري معاهدي جا امڪاني فائدا
اميد ڪئي پئي وڃي ته هن معاهدي سان ٽيڪسز ۾ نمايان گهٽتائي ايندي ۽ ٻنهي ڌرين کي هڪ ٻئي جي مارڪيٽن تائين بهتر رسائي ملندي۔
يورپي ڪميشن موجب، هن معاهدي تحت ڪيميڪلز، مشينري، اليڪٽرڪ سامان ۽ جهازن سميت تقريبن سڀني شين تي ٽيڪس ختم ڪيا ويندا، ۽ اهو عمل مرحليوار مڪمل ڪيو ويندو۔
ان معاهدي کان پوءِ يورپي شيون انڊيا ۾ سستيون ٿي وينديون، جهڙوڪ گاڏيون، مشينري ۽ زرعي اوزار، ڇو ته درآمدي ڊيوٽي گهٽ ٿيندي۔ زرعي شعبي جا کير (ڊيري) ۽ کنڊ وارا شعبا هن معاهدي ۾ شامل ناهن ڪيا ويا۔
رائٽرز موجب، ٻئي ڌريون سيڪيورٽي ۽ دفاعي ڀائيواري بابت مسودي تي به ڪم ڪري رهيون آهن، جن ۾ سامونڊي سلامتي، سائبر خطرا ۽ دفاعي ڳالهه ٻولهه شامل هوندي۔
يورپي يونين شين جي لحاظ کان انڊيا جو سڀ کان وڏو واپاري ساٿي آهي۔ 2024–25 دوران ٻنهي جي وچ ۾ ڪل واپار 136 ارب ڊالر رهيو، جيڪو گذريل ڏهاڪي دوران ٻيڻو ٿي چڪو آهي۔
انڊيا ۽ يورپي يونين وچ ۾ واپاري معاهدي لاءِ ڳالهيون 2007 ۾ شروع ٿيون هيون، پر مارڪيٽ تائين رسائي ۽ ضابطن بابت اختلافن سبب رڪجي ويون هيون۔ اهي ڳالهيون ٻيهر جولاءِ 2022 ۾ شروع ڪيون ويون۔
انهن ڳالهين ۾ انڊيا جي آٽو مارڪيٽ، زرعي شين تائين رسائي ۽ ڪاربان سان لاڳاپيل ٽيرف اهم مسئلا رهيا آهن، جن جو حتمي جائزو مڪمل معاهدي کان پوءِ ئي ممڪن هوندو۔
واضح رهي ته يورپي ڪائونسل جو صدر انتونيو لوئيس سانتوس ڊي ڪوسٽا ۽ يورپي ڪميشن جي صدر ارسلا وان ڊر ليئن 26 جنوري تي انڊيا جي ريپبلڪ ڊي (يومِ جمهوريه) جي تقريبن ۾ خاص مهمان هئا۔
ريپبلڪ ڊي تي يورپي اڳواڻن کي خاص مهمان طور سڏڻ انڊيا طرفان هڪ اهم سفارتي پيغام هو، جنهن جو مطلب آهي ته آمريڪا طرفان 50 سيڪڙو ٽيرف جي خطري کان پوءِ انڊيا دنيا جي ٻين ملڪن سان واپاري لاڳاپا وڌائڻ چاهي ٿو۔
لنڊن ۾ قائم ٿنڪ ٽينڪ چيٿم هائوس سان لاڳاپيل چيٽيگج باجپائي چيو: “هي ان ڳالهه جو اشارو آهي ته انڊيا وٽ متنوع پرڏيهي پاليسي آهي ۽ اهو ٽرمپ انتظاميه تي ڀاڙڻ نٿو چاهي.”
آمريڪا جو ردعمل
آمريڪا انڊيا ۽ يورپي يونين جي معاهدي تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته: “اهي (يورپي ملڪ) پنهنجي ئي خلاف جنگ لاءِ فنڊ فراهم ڪري رهيا آهن.”
اي بي سي نيوز سان ڳالهائيندي آمريڪي خزاني واري وزير اسڪاٽ بيسنٽ چيو: “يوڪرين جنگ ختم ڪرڻ لاءِ آمريڪا، يورپ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن. اسان انڊيا تي روسي تيل خريد ڪرڻ سبب 25 سيڪڙو ٽيرف لڳايو، ۽ هاڻي يورپ انڊيا سان واپاري معاهدو ڪري رهيو آهي.” هن وڌيڪ چيو: “روسي خام تيل انڊيا وڃي ٿو، اتي ريفائن ٿئي ٿو، ۽ پوءِ يورپي ملڪ اهو خريد ڪن ٿا. ان جو مطلب آهي ته اهي پنهنجي خلاف جنگ کي فنڊ ڪري رهيا آهن.”
‘مدر آف آل ڊيلز’
يورپي ڪميشن جي صدر ارسلا وان ڊر ليئن ۽ انڊيا جي واپار واري وزير پيوش گوئل ٻنهي هن معاهدي کي ‘مدر آف آل ڊيلز’ سڏيو آهي، جيڪو ظاهر ڪري ٿو ته ٻن ڏهاڪن کان هلندڙ ڳالهيون هاڻي هڪ اهم نتيجي تي پهتيون آهن۔
هي گذريل چئن سالن ۾ انڊيا جو نائون فري ٽريڊ معاهدو هوندو۔ ان کان اڳ انڊيا برطانيا، عمان، نيوزيلينڊ ۽ ٻين ملڪن سان اهڙا معاهدا ڪري چڪو آهي۔ جڏهن ته يورپي يونين اڳ ۾ جاپان، ڏکڻ ڪوريا ۽ ويتنام سان به اهڙا معاهدا ڪري چڪي آهي۔
اقتصاديات جي ماهرن جو خيال آهي ته غير يقيني عالمي واپاري ۽ جيوپوليٽيڪل ماحول ۾ هي معاهدو ٻنهي ڌرين لاءِ هڪ قابلِ اعتماد ڀائيواري ثابت ٿي سگهي ٿو، جنهن سان آمريڪا ۽ چين تي انحصار گهٽجي ويندو۔
انڊيا سان معاهدي تي يورپ ۾ مخالفت ڇو؟
انڊيا سان ويجها واپاري لاڳاپا يورپي يونين لاءِ ضروري آهن، ڇاڪاڻ⁠تہ ان جون معاشي ضرورتون وڌي رهيون آهن۔ انڊيا دنيا جي چوٿين وڏي ۽ سڀ کان تيزي سان وڌندڙ معيشت آهي ۽ ان جو جي ڊي پي لڳ ڀڳ 40 کرب ڊالرن کي ڇهڻ وارو آهي۔
انڊيا لاءِ يورپي يونين جو بلاڪ اڳ ئي سڀ کان وڏو واپاري ڀائيوار آهي ۽ هي معاهدو ان لاڳاپي کي وڌيڪ مضبوط ڪندو۔
دهلي ۾ موجود گلوبل ٽريڊ ريسرچ انيشيئيٽو سان لاڳاپيل اجي شريواستو موجب، ”انڊيا يورپي يونين ڏانهن 76 ارب ڊالر جون شيون برآمد ڪيون آهن، جڏهن⁠تہ يورپي يونين کان انڊيا جون ڪُل درآمدون اندازي موجب 61 ارب ڊالر هيون، جنهن مان واضح واپاري سرپلس نظر اچي ٿو۔ پر 2023 ۾ جي ايس پي سهولتن جي خاتمي کان پوءِ انڊين شين جي طلب ۾ گهٽتائي آئي هئي۔“
اجي جو چوڻ آهي ته، ”فري ٽريڊ معاهدو مارڪيٽ تائين وڃايل رسائي ٻيهر بحال ڪندو۔ گارمينٽس، دوائون، اسٽيل، پيٽروليم شيون ۽ ٻي مشينري تي ٽيرف گهٽ ٿيندا، جنهن سان انڊيا جي صنعت کي اضافي آمريڪي ٽيرفن جي چئلينج کي منهن ڏيڻ ۾ آساني ٿيندي۔“
تنهن هوندي به، انڊيا سياسي طور حساس سمجهيو ويندڙ شعبن، يعني زراعت ۽ ڊيري، کي هن معاهدي کان ٻاهر رکندو، جڏهن⁠تہ گاڏين، شراب ۽ ٻين شين تي ٽيرفن ۾ مرحليوار گهٽتائي ڪئي ويندي۔ اهڙو ئي عمل اسان انڊيا ۽ برطانيا جي وچ ۾ ٿيل معاهدي کان پوءِ به ڏٺو هو۔
چيٿم هائوس سان لاڳاپيل تجزيه نگار باجپائي جو چوڻ آهي ته، ”انڊيا واپاري ڳالهين لاءِ نئين حڪمتِ عملي اختيار ڪئي آهي، جنهن تحت هو سياسي طور حساس معاملن تي مرحليوار ڳالهه ٻولهه کي ترجيح ڏئي ٿو۔ اهڙي صورتحال ۾ اهڙن معاهدن جي نه رڳو جيوپوليٽيڪل اهميت وڌي ٿي، پر معاشي اهميت به وڌي ٿي۔“
هن معاهدي بابت ڪجهه اختلاف به ڏسڻ ۾ اچن ٿا۔
يورپ لاءِ انٽيليڪچوئل پراپرٽي (تخليقي ملڪيت) جو تحفظ وڏو خدشو آهي۔ اهي ڊيٽا کي وڌيڪ بهتر نموني سان محفوظ ڏسڻ چاهين ٿا۔ ٻئي پاسي، انڊيا لاءِ يورپ پاران هن سال لاڳو ڪيل نئون ڪاربان ٽيڪس هڪ وڏي رڪاوٽ بڻيل آهي۔
اجي شريواستو جو چوڻ آهي ته ڪاربان ٽيڪس انڊين برآمدات لاءِ ”نئين سرحدي چارجز“ جي برابر آهي۔
”هي خاص طور تي ننڍين ۽ وچولي درجي جي صنعتن لاءِ وڌيڪ نقصانڪار آهي، جيڪي لازمي شرطن تي پورو لهنديون آهن ۽ کين ڪاربان اخراج سبب ڏنڊن کي به منهن ڏيڻو پوي ٿو۔“
هن جو چوڻ آهي ته انڊيا ۽ يورپي يونين وچ ۾ هي ڊيل واقعي ”قابلِ اعتماد ڀائيواري“ بڻجي ٿي يا نه، ان جو دارومدار انهن ئي عنصرن تي هوندو۔ تنهن هوندي به، تجزيه نگارن جو خيال آهي ته هي معاهدو ٻنهي ڌرين لاءِ تقريباً فتح جهڙو ثابت ٿيندو۔
نيشنل يونيورسٽي آف سنگاپور سان لاڳاپيل ايلڪس ڪيپري جو چوڻ آهي ته، ”ان سان آمريڪا ۽ ٻين غير قابلِ اعتماد ڀائيوارن تي انحصار گهٽائڻ ۾ مدد ملندي۔ يعني آمريڪا ۽ چين تي ٽرمپ دور جي انحصار ۾ گهٽتائي ايندي، ڪمزورين ۾ ڪمي ايندي ۽ ٽيرفن توڙي ايڪسپورٽ ڪنٽرولز کان آزادي ملندي۔“
ايلڪس جو چوڻ آهي ته انڊيا ۾ وڌندڙ ڪاربان اخراج ۽ انساني حقن جي ريڪارڊ سبب يورپ ۾ هن معاهدي کي مخالفت کي به منهن ڏيڻو پيو آهي۔
بهرحال، ٻيا تجزيه نگار چون ٿا ته نومبر 2025 کان پوءِ انڊيا پاران روسي تيل جي خريداري ۾ گهٽتائي يورپي پارليامينٽ ۾ هن معاهدي لاءِ راهه هموار ڪري سگهي ٿي۔ هن معاهدي کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ يورپي پارليامينٽ جي منظوري لازمي هوندي۔
سميدھا جو چوڻ آهي ته، ”2026 جي شروعات کان ئي آمريڪا سان سياسي ڇڪتاڻ جو مطلب اهو آهي ته يورپي يونين جا اڳواڻ هاڻي اهڙن معاهدن کي وڌيڪ ڀليڪار ڪندا۔“

پهنجو تبصرو موڪليو