مدرسي جي طالب سان قاري جي بدفعلي ڊي اين اي ۾ ثابت

پشاور (عزيزالله خان) مانسهره پوليس چيو آهي ته مدرسي جي طالب سان بدفعلي جي ڊي اين اي رپورٽ ۾ تصديق ٿي وئي آهي. 27 ڊسمبر تي مانسهره جي هڪ مدرسي جي 10 سالن جي طالب کي بد فعلي بعد مارڪٽ ڪئي وئي هئي، ٻار بيهوش ٿي ويوهو، معاملو پوليس تائين پهتو هو ۽ مدرسو سيل ٿي ويو هو. پوليس وٽ علي گوهر نالي شخص رپورٽ درج ڪرائي هئي ته کيس مدرسي مان فون آيو ته سندس ڀائٽيو بيمار آهي، منهنجي درخواست تي هڪ استاد کيس ايوب ميڊيڪل ڪامپليڪس پهچايو جتي طبي چڪاس ۾ سامهون آيو ته نينگر سان بدفعلي ڪئي وئي ۽ کيس مارڪٽ ڪئي وئي آهي. مانسهرا جي ضلعي پوليس آفيسر صادق بلوچ بي بي سي کي ٻڌايو هو ته نينگر کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي. اصل مجرم سندس استاد قاري شمس الدين شروع ۾ روپوش هو پر بعد ۾ کيس گرفتار ڪيو ويو هو جيڪو پوليس جي حراست ۾ آهي.

ملزم کي پناهه ڏيڻ جو الزام جميعت علما اسلام جي مولانا ڪفايت الله تي لڳايو ويوهو.

پوليس جو چوڻ آهي ته مدرسي جي مهتمم جي ڀاءُ ڇوڪري سان بدفعلي ڪئي هئي، مدرسو سيل ڪيو ويو آهي. چائلڊ رائيٽس موومينٽ جي ممتاز گوهر جو چوڻ آهي ته مدرسن ۾ طلابن سان بد فعلي جا واقعا عام جام آهن پر رپورٽ نه ٿيندا آهن. هن چيو ته گذريل سال ٻارن سان جنسي تشدد جا 3800 واقعا رپورٽ ٿيا ۽ ميڊيا به اهڙن واقعن جي رپورٽنگ کان لنوائيندي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو