مخصوص سيٽن لاءِ قانوني جنگ وڙهنداسين: علي ظفر

مخصوص سيٽن لاءِ قانوني جنگ وڙهنداسين: علي ظفر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ علي ظفر چيو آهي ته مخصوص سيٽن لاءِ قانوني جنگ وڙهنداسين.هڪ بيان ۾ علي ظفر چيو ته اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ خلاف فيصلا ڪري رهي آهي، اسان جون مخصوص سيٽون ٻين پارٽين کي نٿيون ڏئي سگهجن، ري لسٽنگ تي ڪا به پابندي ناهي، صدارتي اليڪشن ۽ سينيٽ اليڪشن به تڪراري ٿي چڪي آهي.هن وڌيڪ چيو ته اسان آءِ ايم ايف تي اصرار نه ٿا ڪريون، رڳو کين چئي سگهون ٿا، اسان فيصلو ڪيو آهي ته هر فورم تي آواز اٿارينداسين، قانوني جنگ به وڙهنداسين، پارليامينٽ ۾ به آواز اٿارينداسين.علي ظفر چيو ته ٻين پارٽين سان گڏجي ڀرپور احتجاج ڪنداسين، پي ٽي آءِ جي باني کي آزاد ڪيو وڃي، بشرا بي بي کي اڊيالا جيل منتقل ڪيو وڃي ته جيئن هوءَ پي ٽي آءِ جي باني سان ملاقات ڪري سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو