سرحد(رپورٽرغلام عباس مهر)مختلف ڳوٺن مان هڪ ئي رات 3 ٽراسفارمر چوري ٿي ويا آھن، پراڻي سرحد مان نامعلوم چور امان الله ڏھر جي زمين ۾ لڳل اسڪارپ کاتي جي ٽيوب ويل جو ٽراسفارمر لاهي بجلي جو ٿنڀو به پٽي کڻي ويا ان کان علاوه سرحد ڀرسان ڳوٺ رمضان مهر مان نامعلوم چور سرڪاري ٽيوب ويل جو ٽراسفارمر لاهي فرار ٿي ويا، ، ٻن ڳوٺن مان بجلي جا ٽراسفارمر چوري ٿي وڃڻ بعد مختلف علائقن ۾ بجلي پڻ بند ٿئي وئي جڏھن ته ٽراسفارمرن جي چورين جو اطلاع سرحد پوليس کي ڏنو ويو جنهن جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي، ياد رهي ته پهريان به سرحد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن مان ڪيترائي ٽراسفارمر چوري ٿي چڪا آھن مگر سرحد پوليس نه ئي ٽراسفارمر واپس ڪرائي سگهي آھي ۽ نه ئي چورن کي پڪڙي سگهي آھي،










