مختلف ڪيسن ۾ گهربل ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار

مختلف ڪيسن ۾ گهربل ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار

سکر(جيرام داس) پوليس هڪ مبينا ڏوهاري کي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو، مقابلي جي دعويٰ. ايس ايس پي سکر جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ هاڪي گرائونڊ ويجهو گشت دوران پوليس جو ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو، جنهن دوران ڏوهاري امان الله مهر کي زخمي ٿي پيو، کيس گرفتار ڪري سندس قبضي مان ٽي ٽي پسٽل ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون. پوليس موجب گرفتار جوابدار موٽر سائيڪل چوري، پوليس مقابلن سميت ٻين ڪيسن ۾ مختلف ٿاڻن جي پوليس کي گهربل هو، زخمي جوابدار کي علاج لاءِ سول اسپتال سکر منتقل ڪيو ويو. جڏهن ته سندس ساٿي اونداهي جو فائدو وٺي فرار ٿي ويا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو