مختلف واقعن ۾ 3 گهرن کي باهه، الهه تلهه سڙي رک

مختلف واقعن ۾ 3 گهرن کي باهه، الهه تلهه سڙي رک

اوٻاوڙو / مورو (ايم بچل گهنڃو/اياز سولنگي) ڪمون شھيد ويجھو ريڻي ڪينال جي ڪپر تي ويٺل لاڏاڻا خاندانن جي پورھيت يار محمد پھوڙ جي گھر کي چلھ مان چڻنگ اٿڻ سبب باھ لڳي وئي جنهن سبب گھر جو سمورو الھ تلھ سڙي رک ٿي ويو. متاثرن انتظاميا کان وھر جي گھر ڪئي آھي.  ٻئي طرف مورو ڀرسان ڳوٺ ڀائي خان جي ٻنڌ ۾ گھر جي چلھ مان چڻنگ اٿڻ ڪري سائين بخش عرف دادن کوسو ۽ صدورو کوسو جي ٻن گھرن کي باھ لڳي وئي جنھن جو اطلاع تعلقي چيئرمين، يوسي چيئرمين ۽ فائر  فرگيڊ عملي کي ڏنو ويو پر ڪو به نه پھتو جنھن جي نتيجي ۾ گھرن ۾ پيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو.

ان موقعي تي متاثرين ٻڌايو ته رات دير سان چلھ مان چڻنگ اٿڻ سبب گھرن کي باھ لڳي جنھن جو اطلاع انتظاميه کي ڏنو پر ڪير به نه پھتو ۽ گھرن ۾ پيل سونا زيور، روڪ رقم 45 ھزار، چار ٻڪريون، ٽي ڦرڙا، 15 مڻ ڪڻڪ، ڏاج جو سامان، ھنڌ رليون کٽون ۽ ٻيو قيمتي سامان سڙي رک ٿي ويو صرف اسان پنھنجون جانيون بچائي نڪتا آھيون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو