مختلف واقعن ۾ 2 فوت، هڪ بيهوش هڪ زخمي

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پيش آيل حادثن ۾ 2 ڄڻا فوت، جيل ۾ قيدي بيهوش ۽ هڪ ڄڻو ٿريشر جي شافٽ ۾ ڦاسن سبب زخمي ٿي پيو.*** اوٻاوڙو  مان ايم بچل گهنڃو  موجب پيرزادا فيڊر پل ويجھو ٽريڪٽر ٽرالي ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري واھ ۾ ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ ٽريڪٽر ڊرائيور منٺار عرف منو تڙت موقعي تي فوت ٿي ويو.

***وڳڻ مان علي مصطفيٰ موجب ڳوٺ علي اصحابو ۾ ٽريڪٽر ڊرائيور محمد جمن کوسو ٿريشر جي شافٽ ۾ وچڙي پيو جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت  ۾ لاڙڪاڻي نيو ويو آهي. ***ڳڙهي ياسين مان شفيق مهر مطابق ڳڙهي صاحب خان ويجهو شرن جي وانڍ ۾ پراسرار نموني گهر جي اڳيان ننڊ ستل پيرسن عبدالرزاق عرف چانگهو کي گولي هڻي قتل ڪيو ويو، صبح جو گهرڀاتين ڊکڻ ٿاڻي تي اطلاع ڏنو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي مدئجي تعلقي اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. واقعي بابت مقتول جي ڀاءُ شوڪت شر ٻڌايو ته پراڻي دشمني تي منهنجي ڀاءُ کي رات ديدار ۽ الطاف شر وارن پراڻي تڪرار تان گوليون هڻي قتل ڪيو آهي، ڊکڻ پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو انتهائي پراسرار آهي، گهر ۾ قتل ٿئي ٿو ۽ گهرڀاتي گولي جو به آواز نٿا ٻڌن. هر طرف کان جاچ ڪري رهيا آهيون.*** گهوٽڪي مان عرفان علي سومرو موجب ڊسٽرڪٽ جيل ۾ سرحد جو رهواسي  قتل  ڪيس جو قيدي 60 سالن جو پيرسن الاهي بخش ڪورائي جيل اندر اوچتو بيهوش ٿي ويو جنهن  کي  ڳڻتي جوڳي حالت ۾ جيل انتظاميا کيس ايمبولينس ۾ تيل نه هجڻ ڪري کيس خانگي گاڏي ۾ گهوٽڪي سول اسپتال پهچايو جتان کيس بيهوشي واري حالت ۾ سکر اسپتال ريفر ڪيو ويو .

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو