ڪراچي (نمائندن وٽان) ملڪ ۾ ايم ڊي ڪيٽ جو امتحان جاري آهي، پرچو آئوٽ ڪرڻ جو منصوبو ناڪام بڻايوويو، ڪيترن ئي شاگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي،ملڪ ۾ ميڊيڪل ڪاليجز ۾ داخلا لاءِ ايم ڊي ڪيٽ جو امتحان ورتو پيو وڃي، ڪراچي، لاهور، ڪوئيٽا ۽ پشاور سميت مختلف شهرن ۾ ميڊيڪل ڪاليجز ۾ داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هزارن جي تعداد ۾ شاگرد حصو وٺي رهيا آهن،ترجمان پي ايم ڊي سي ٻڌايو آهي ته ايم ڊي ڪيٽ امتحان ملڪ جي 31 شهرن ۾ هڪ وقت ورتو پيو وڃي، جنهن ۾ هڪ لک 80 هزار کان وڌيڪ اميدوار حصو وٺي رهيا آهن، جڏهن ته بين الاقوامي سينٽرز ۾ 283 شاگرد ايم ڊي ڪيٽ امتحان ڏئي رهيا آهن،پي ايم ڊي سي ترجمان موجب پنجاب ۾ 66875، سنڌ ۾ 40528، ڪي پي ڪي ۾ 46439 ۽ بلوچستان ۾ 9230 اميدوار ايم ڊي ڪيٽ جو امتحان ڏئي رهيا آهن,پرچو وقت کان اڳ آئوٽ ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي، ڪيترن ئي شاگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي










