مختلف تنظيمن پاران بيمار سماجي ورڪر جي علاج لاءِ جهولي فنڊ

وارھ (طالب حسين چانڊيو ) سماجي ورڪر نثار احمد ٻلهڙي لاءِ وارھ ۾ مختلف تنظيمن طرفان نيازحيدري جي اڳواڻي ۾ جهولي فنڊ ڪئي وئي جنهن ۾ انسان دوست واره، نصير آباد سنڌ دوست انسانيت، سوشل ويليفيئر وارهم فيض فائونڊيشن ضلع قمبر شهدادڪوٽ، المدد سنڌي سنگت سعودي عرب ۽ سنڌ دوست سٿ طرفان نياز حيدري جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن نياز حيدري، غلام الدين دائودائي، محمد اشرف ٻگهيو، جاويد گاجي والا ۽ ٻين چيو ته سرڪاري اسپتالن ۾ علاج جي سهولت نه هجڻ سبب مجبورن جهولي فنڊ ڪري رهيا آھيون جڏھن ته نثار احمد ٻلهڙو کي ڊائو اسپتال ڪراچي مان لا علاج ڪيو ويو آھي ۽ سندن کي آغان خان اسپتال کڻائي وڃڻ لاءِ چيو ويو آھي پر افسوس جو مالڪن وٽ ايتري سگهه نه هجڻ سبب بستري تي لا علاج پيو آھي اسان هي جهولي فنڊ هڪ انسان جي زندگي بچائڻ خاطر ڪري رهيا آھيون ۽ سڀاڻي نصير آباد ۾ ڪنداسين. اسان حڪومت پاڪستان کان گهر ٿا ڪيون ته سرڪاري اسپتالن ۾ طبي سهولتن جي اڻ هوند سبب لکي جانيون ضايع ٿي رهيون آھن جيڪي جانيون بچائڻ لاءِ سرڪاري اسپتالن ۾ طبي سهولتون ميسر ڪري ڏنيون وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو