سکر(جيرام داس ) پاڪستان تحريڪ انصاف ناردرن سنڌ سکر ريجن جي جنرل سيڪريٽري مبين احمد جتوئي پاران جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ جو عوام پيپلز پارٽي جي نااهل حڪمرانن مان بيزار ٿي چڪو آهي، پيپلز پارٽي هميشه عوام جي مال کي ٻنهي هٿن سان لٽيو آهي، 30 سالن تائين پيپلز پارٽي ۾ ڪم ڪندڙ مختلف برادرين جا ماڻهون چونڊيل نمائندن مان بيزار ٿي پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيا آهن. اسين کين ڀليڪار ڪيون ٿا. هن اهڙيون ڳالهيون پي ٽي آءِ سيڪريٽريٽ سکر ۾ مختلف برادرين جي ماڻهن پي ٽي آءِ ۾ شموليت ڪرڻ دوران ڳالهائيندي ڪيو، تقريب ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪردگي مان متاثر ٿي سکر جي يوسي 7 بئراج ڪالوني جي رهواسين سولنگي، ڏهر، مهر ۽ ابڙو برادري جي ماڻهن وڏي تعداد ۾ پيپلز پارٽي ڇڏي تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو اعلان ڪيو، ان موقعي تي پي ٽي آءِ اڳواڻ عبدالعزيز ابڙو، منور چوهاڻ، ڪاشف قاضي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. مبين احمد جتوئي وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪمرانن عوام کي ڪوڙن دلاسن کانسواءِ ڪجهه ناهي ڏنو. پيپلز پارٽي هميشه شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي نالن تي ووٽ ورتا آهن. سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي چونڊيل نمائندن ڪرپشن کانسواءِ ڪجهه به ناهي ڪيو.










