خانپورمهر (ن سنڌيار) پ پ ايم اين اي سردار محمد بخش خان مھر پاران مھر هائوس تي کليل ڪچهري منعقد ڪئي وئي ، ان موقعي تي خانپورمهر ۽ پسگردائي جي عوام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري پنهنجا مسئلا پيش ڪيا، جنهن دوران سردار محمد بخش خان مھر تڪڙي تدارڪ لاءِ واسطيدار اختيارين کي فون ڪري مسئلا حل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون. کلي ڪچهري بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ ايم اين اي سردار محمد بخش خان مھر چيو ته جيڪڏهن اسان جي مخالفن جون پيپلزپارٽي سان ڳالهيون هلندڙ آهن ته انهن جو سٺو عمل آهي پر انهن کي دائري کان ٻاهر نه نڪرڻ گهرجي، هن چيو ته اسان جي سياسي مخالفن کي دائري ۾ رهي کيڏڻ گهرجي هو هميشه دائري کان ٻاهر رهي کيڏندا رهيا آهن، کين اها صلاح ڏيان ٿو ته ڪريز تي بيهي کيڏو نه ته اسٽمپ نه ٿي ويندئو، سردار محمد بخش خان مهر جو وڌيڪ چوڻ هو ته عوام جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ کليل ڪچهري منعقد ڪئي وئي آهي،هن چيو ته خانڳڙه تعلقي ۾ پيپلزپارٽي جي ميمبر شپ مهم هلي رهي آهي ڪيترائي نوجوان پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪري رهيا آهن جنهن سان پارٽي وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي.هن وڌيڪ چيو ته عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب ملڪي معيشيت کي ڪاپاري نقصان پهتو هو ان جو ازالو ئي نه ٿي سگهيو ته مٿان سنڌ ۾ تازي برساتن وڏي تباهي مچائي ڇڏي آهي ان جي بحالي لاءِ تمام گهڻو وقت درڪار آهي ۽ اسان سڀني کي هن مها مصيبت مان پار پوڻ لاءِ گڏيل ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. محمد بخش خان مھر چيو ته عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ اسان جا هروقت دروازا کليل رهندا.ان موقعي تي حاجي عبدالرزاق خان مھر ،پ پ خانڳڙه تعلقي جو صدر سيد عبد ﷲ شاہ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.










