اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان مخالف عنصر افواهون پکيڙي رهيا آهن ته پاڪستان ڊفالٽ ٿي ويندو، اهڙيون افواهون ڪوڙ تي ٻڌل ۽ حقيقتن جي خلاف آهن.پنهنجي هڪ بيان ۾ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو ته اسٽيٽ بئنڪ جي پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ گذريل هفتي هڪ ارب ڊالرن جو اضافو ٿيو، بروقت پرڏيهي ادائيگين باوجود پاڪستان جا ذخيرا وڌيا.اسحاق ڊار چيو ته پرڏيهي ڪمرشل بئنڪن پاڪستان کي سهولتون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن، آءِ ايم ايف سان ڳالهيون مڪمل ٿيڻ وارا آهن.ناڻي واري وزير چيو ته آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول جو معاهدو ايندڙ هفتي ٿيڻ جو امڪان آهي، سمورا معاشي اشارا مثبت رخ ڏانهن وڌي رهيا آهن.










