ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)گورنر هائوس ۾ منعقد ڪيل حلف برداري جي سادي ۽ پروقار تقريب ۾ وقتي مقرر گورنر سنڌ آغا سراج دراني محمد وسيم کي چيئرپرسن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي عهدي جو حلف کڻايو. واضح رهي ته وقتي مقرر گورنرسنڌ جي منظوري کانپوءِ وزيراعليٰ سنڌ گريڊ 22 جي ريٽائرڊ آفيسر محمد وسيم کي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرپرسن مقرر ڪيو هو. تقريب جي ميزباني جا فرض سيڪريٽري جنرل ايڊمنسٽريشن محمد حنيف چنا سرانجام ڏنا. ان موقعي تي صنعت ۽ تجارت واري صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو، وزيراعليٰ سنڌ جي معاون خاص وقار مهدي، چيف سيڪريٽري سنڌ محمد سهيل راجپوت، ڪمشنر ڪراچي محمد اقبال ميمڻ ۽ صوبائي سيڪريٽريز به موجود هئا. گريڊ 22 جي ريٽائرڊ آفيسر محمد وسيم ٽن ڏهاڪن تائين صوبي جي اهم ترين عهدن تي پنهنجا فرض سرانجام ڏنا. هن کي ايڊمنسٽريشن جو وسيع تجربو به آهي. محمد وسيم چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ بورڊ، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ، چيئرمين اينٽي ڪرپشن، سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو، سيڪريٽري داخله ۽ سيڪريٽري جنرل ايڊمنسٽريشن سميت ٻين اهم عهدن تي پنهنجون ذميواريون نڀائي چڪو آهي. ان بعد وقتي مقرر گورنر سنڌ آغا سراج دراني عهدو سنڀالڻ تي محمد وسيم کي مبارڪباد ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو.










