ڪراچي (اسپورٽس نيوز)مشهور شخصيتون سوشل ميڊيا تي پنهنجي روزاني زندگي بابت نيون پوسٽون شيئر ڪن ٿيون.تازو ئي پاڪستاني فاسٽ بالر محمد عامر پنهنجي مداحن کي فلم بابت ٻڌايو آهي جيڪو هن ڏٺو آهي.محمد عامر سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي 2007 ۾ رليز ٿيندڙ ڀارتي فلم ”تاري زمين پر“ جي هڪ جھلڪ شيئر ڪئي آهي.فاسٽ بالر محمد عامر پنهنجي پيغام ۾ لکيو ته هو پنهنجي بهترين دوستن سان فلم تاري زمين پر ڏسي رهيو آهي.










