محمد حسين محنتي پاران  دادو ۾ الخدمت فيلڊ اسپتال جو افتتاح

محمد حسين محنتي پاران دادو ۾ الخدمت فيلڊ اسپتال جو افتتاح

دادو (ن س) جماعت اسلامي جي فلاحِي اداري الخدمت طرفان دادو ۾ الخدمت فيلڊ اسپتال قائم، جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي دادو پهچي مقامي قيادت ۽ سول اسپتال جي ايم ايس سان گڏجي باقاعده افتتاح ڪيو، ان کان اڳ ۾ الخدمت طرفان ميهڙ، ڪي اين شاه، سيوهڻ ۽ دادو ۾ ٽينٽ سٽي، ڪچن توڙي موبائل ميڊيڪل ٽيمن ذريعي متاثرين کي کاڌ خوراڪ توڙي ميڊيڪل جون سهولتون پهچايون پيون وڃن. هاڻِ ضلعي هيڊڪواٽر ۾ باقاعده فيلڊ اسپتال قائم ڪئي وئي آهي جنهن ۾ متاثرن جو مفت چڪاس، ليبارٽري ۾ ٽيسٽ ۽ دوائون پڻ ڏنيون وينديون. جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته حڪومتي غفلت ۽ نااهلي سبب ٻوڏ متاثرن کي بيمارين وڪوڙي ورتو آهي، رڳو ڪالهوڪي ڏينهن ۾ بيمارين ۾ وڪوڙيل ۽ سهولتن جي اڻ هوند سبب 31 ماڻهو فوت ٿيڻ جي رپورٽ ڇپي آهي، دادو ضلعو هن وقت سڀ کان وڌيڪ متاثر ۽ چئني پاسن کان پاڻي جي گهيري هيٺ آهي، تازو صحت جي عالمي اداري پڻ خبردار ڪيو آهي ته ٻوڏ کان پوءِ پاڪستان ۾ بيمارين ۽ موت جي صورت ۾ ٻي آفت جو خطرو آهي، جيڪڏهن اڃان به سنڌ حڪومت اکيون نه پٽيون ته تاريخ ۽ سنڌ جو عوام انهن کي ڪڏهن به معاف ڪونه ڪندو. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ معصوم ٻارڙن ۾ چمڙي جي بيمارين ۽ ڳورهارين عورتن جو سڀ کان وڏو ۽ اهم مسئلو آهي، سنڌ حڪومت ان لاءِ عورت توڙي مرد ماهر ڊاڪٽرن جون خصوصي ٽيمون جوڙي وچڙندڙ بيمارين تي ڪنٽرول ۽ سهولتون پهچائڻ لاءِ اثرائتا اُپاءُ کڻي. ان موقعي تي جماعت اسلامي ضلعي دادو جو امير مولانا واحد بخش ٻٻر، سول اسپتال دادو جو ايم ايس عبدالڪريم ميراڻي،الخدمت جو محمد سليم ۽ ٻيا موجود هئا. هوڏانهن محمد حسين محنتي ميهڙ ۾ قائم وسندي، اسڪول ۽ ڪچن جو دوور ڪري انتظامي صورتحال جو جائزو ورتو. هن ڪارڪنن جي خدمت خلق واري جذبي جي واکاڻ ڪئي. ان موقعي تي مقامي امير محمد الياس ۽ عبدالله ڏيرو پڻ ساڻس گڏ موجود هئا.#

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو